اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) عمران خان آءِ ايم ايف ٻاھران ٿيل مظاھري بابت ڏنل بيان سان ڦاسي پيو آھي ۽سندس ھاڻوڪو بيان 9 مئي بعد ڏنل بيان جھڙو آھي،جيڪو ھن سپريم ڪورٽ ۾ ڏنو ھو.جنھن ۾ چيو ويو ھو تھ جيڪڏھن کيس ٻيھر گرفتار ڪيو ويندو تھ اھڙا واقعا تھ ٿيندا.ھي بيان بھ عمران خان جي ڳچي ۾ پوڻ وارو آھي.ڇاڪاڻ جو ان ۾ ھڪ بغاوت جو عنصر آھي۽ ھاڻي نٿو لڳي تھ رياست ھن کي ڪا رعايت ڏيندي.اھو بيان ڏئي عمران خان ڦاسي پيو آھي،جيڪو ڊگھي وقت تائين ان جو پيڇو ڪندو رھندو.جيل ۾ سختي ھوندي عمران خان کي صحافين سان ملڻ جي اجازت آھي.رياست ھن کي خاص اسٽيٽس ڏنو آھي.ڇنڇر ڏينھن ميڊيا سان ڳالھائيندي سندس چوڻ ھو تھ علي امين کي وزيراعظم سان تصوير نھ ڇڪرائڻ گھرجي ھا.چوڌري جاويد پنھنجي وي لاگ ۾ سوال اٿاريو آھي تھ وزيراعظم کان ملندڙ رعايت حاصل ڪرڻ لاءِ تيار آھيو پر وزيراعظم سان تصوير ڇڪرائڻ تي اعتراض آھي.عمران خان چئي ٿو تھ آءِ ايم ايف ٻاھران احتجاج درست ھو پر اتي لڳل نعرن جي کيس خبر نھ آھي،سوال ھي آھي تھ جيڪڏھن مظاھري جو پتو آھي تھ اھو بھ پتو ھئڻ گھرجي تھ اتي ڪھڙا نعرا لڳا،عمران خان کي ان مظاھري بابت پنھنجي ماڻھن کان پڇاڻو ڪرڻ گھرجي ھا پر ھن ائين نھ ڪيو.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 18 مارچ 2023ع تي شايع ٿي