لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزارت پنجاب سرڪار کي 15 اپريل کان افغان سٽيزن ڪارڊ هولڊرز جي ملڪ نيڪالي لاءِ آپريشن جو ٻيو مرحلو شروع ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
وفاقي گهرو سيڪريٽري آفتاب دراني جي صدارت هيٺ وڊيو لنڪ اجلاس ۾ پنجاب جي گهرو سيڪريٽري نور الامين سميت کاتي جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
ذريعن موجب، وفاقي سرڪار طرفان پنجاب کي افعان سٽيزن ڪارڊ هولڊرز ( اي سي سي ) جي فهرستون فراهم ڪيون وينديون، جن کي پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان شيئر ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جهڙي ريت غيرقانوني پرڏيهين ۽ افغان شهرين کي گرفتار ڪري ضلعي ۾ قائم هولڊنگ سينٽرن ۾ رکيو ويو ۽ پوءِ ڊي پورٽ ڪيو ويو اهڙي ريت اي سي سي ڪارڊ هولڊرز کي به پهريان رضاڪاراڻي طور واپس افغانستان وڃڻ لاءِ چيو ويندو جنهن کانپوءِ کين گرفتار ڪري ڊي پورٽ ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، افغان سٽيزن ڪارڊ هولڊرز جي ڊيٽا وفاقي سرڪار وٽ موجود آهي جنهن سبب ماضيءَ ۾ غيرقانوني پرڏيهين کي ٽريس ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش آيون پر هاڻ ائين نه ٿيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پرڏيهين جي ملڪ نيڪالي جي فيز ٽو جي ختم ٿيڻ کان پوءِ ترت فيز ٿري شروع ڪرائڻ بابت به بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ افغان پي او آر (Proof of Residence) ڪارڊ هولڊرز کي ملڪ نيڪالي ڏني ويندي.
ذريعن موجب، هنيئر تائين چار لک کان وڌيڪ غيرقانوني طور ترسيل افغان شهرين کي ڊي پورٽ ڪيو ويو آهي.