وزيرن ۽ سرڪاري آفيسرن جي فائيو اسٽار هوٽل ۾ ٽِڪڻ تي پابندي، نئين سفري پاليسي جاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي سرڪار طرفان وزيرن ۽ سرڪاري آفيسرن جي ٻاهرين ملڪ سفر بابت نئين سفري پاليسي جاري ڪئي وئي آهي.
وفاقي حڪومت ڪابينا جي فيصلن جي روشني ۾ وفاقي وزيرن ۽ سرڪاري آفيسرن لاءِ ٻاهرين ملڪ سفري پاليسي جاري ڪري ڇڏي.
پاليسي موجب، سرڪاري آفيسرن جي پرڏيهي دورن دوران فائيو اسٽار هوٽل ۾ رهڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي جڏهن ته مددگار اسٽاف جي ٻاهرين ملڪ سفر ڪرڻ تي به پابندي هوندي.
نئين پاليسي ۾ اڻثر صورتحال نه هجڻ تي ٻاهرين پرڏيهي سفر جي اجازت ڪفايت شعاري ڪميٽي کان وٺڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
ان کانسواءِ وفاقي وزير ۽ سيڪريٽري جي هڪ ئي وقت پرڏيهي دورن تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، پابندي کان ڇوٽ حاصل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل وزير يا ڊويزن کي وزيرِاعظم کان اجازت وٺڻي پوندي.
دستاويزن موجب، صدر، چيف جسٽس، چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس کي فرسٽ ڪلاس سفري سهولتن حاصل هونديون، جڏهن ته وزيراعظم، سينيٽ چيئرمين، قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر، پرڏيهي وزير، وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزير بزنس ڪلاس ۾ سفر ڪندا.
پاليسي ۾ پرڏيهي دورن لاءِ پي آءِ اي کي پهرين ترجيح قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته ڀارت جي دورن لاءِ گهرو وزارت ۽ پرڏيهي وزارت کان اجازت وٺڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.