اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جو آپريشن، انتهائي گهربل ڪمانڊر سميت 8 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ اٺ دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، آپريشن آچر ۽ سومر جي وچ واري رات ڪيو ويو .
آءِ ايس پي آر موجب، پاڪ فوج جي ڪارروائي ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا آهن، مارجي ويل دهشتگردن ۾ دهشتگرد صحرا عرف جانان به شامل آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگرد صحرا عرف جانان 16 مارچ تي مير علي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي پوسٽ تي حملي ۾ ملوث هيو ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي انتهائي گهربل هو.
آءِ ايس پي آر موجب، پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.
ياد رهي ته 16 مارچ تي وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ دهشتگردن پاڪ فوج جي چيڪ پوسٽ تي ڪيئي آپگهاتي حملا ڪيا ويا هئا جنهن جي نتيجي ۾ ٻه آفيسر ۽ پنج فوجي جوان شهيد ٿي ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.