سنڌ جي هر ضلعي ۾ پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ عيد کانپوءِ ڪراچي ۾ وڌيڪ روٽس تي بسون هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو ۽ صدر آصف علي زرداري ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر تي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.
هن چيو ته ڪراچي ۾ پنڪ بسن جو انگ به وڌايو ويندو، گرين بسون هلڻ شروع ٿي چڪيون آهن جڏهن ته ڪجهه نيون بسون آيون آهن جيڪي جلد روڊن تي هونديون.
صوبائي وزير عيد کانپوءِ ٻن نون روٽن تي اليڪٽرڪ بسون هلائڻ سميت ميرپور خاص ۾ به پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ ۽ ڪراچي ۾ ٻن روٽن تي 18 اپريل کان ڪارڊ سسٽم متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو.
شرجيل ميمڻ ريڊ لائين منصوبي بابت ڳالهائيندي چيو ته مهانگائي قيمتن ۾ واڌ سبب ريڊ لائين بي آر ٽي ڪم متاثر ٿيو جڏهن ته نگران حڪومت ان منصوبي تي ڌيان نه ڏنو.
ٽرانسپورٽ واري وزير چيو ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ پيپلز بس سروس شروع ٿيندي ۽ پنج سئو نيون بسون خريد ڪيون وينديون، چاهيون ٿا ته عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ بهترين ۽ سستي سفري سهولت ملي، عوام کي جيڪي به خوشخبريون ڏنيون آهن انهن تي دل سان عمل ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.