لاڙڪاڻو (رپورٽ:عبدالوحيد ابڙو) نصيرآباد ۾ مهينو اڳ قتل ڪيل قومپرست اڳواڻ ۽ پرائمري استاد ھدايت الله لوھار جي خون سان انصاف لاءِ لاڙڪاڻي ۾ احتجاجي ريلي مٿان پوليس جا وڏا اٽالا ڪڙڪي پيا، پوليس ۽ مظاھرو ڪندڙن وچ ۾ جھڙپون پيون، جنهن ۾ پٿراءُ ۽ لٺ بازي ڪئي وئي، جڏهن ته ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو ويو، جنهن سبب علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو. پوليس ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو، جھڙپن م ڪيترائي اهلڪار ۽ مظاهرو ڪندڙ زخمي ٿي پيا آهن. تفصيل موجب لاڙڪاڻي ۾ جسٽس فار ھدايت اللہ لوھار، وي ايم پي، سنڌ سجاڳي فورم پاران اسٽيٽ لائيف بلڊنگ کان جناح باغ چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنھن جي اڳواڻي مقتول جي نياڻين سورٺ لوھار، سسئي لوھار، نعمت کھڙو، سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري تاج جويو، سارنگ جويو، سھڻي جويو، سلما مشتاق ڀٽو، سورھيه سنڌي، سرفراز ميمڻ، خالد چانڊيو ۽ ٻين ڪئي. احتجاج ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت سوين سياسي، سماجي ڪارڪنن، اديبن، ليکڪن، استادن ۽ زندگيءَ جي ٻين شعبن جي لاڳاپيل ماڻهن مختلف جهنڊن ۽ بينرن سوڌو شرڪت ڪئي، هو هدايت لوهار جي خون سان انصاف ۽ قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ نعريبازي ڪندا رهيا. جناح باغ جي مک چوڪ تي اڳواڻ ڌرڻي کي خطاب ڪري رھيا ھيا ته مختلف ٿاڻن جا پوليس اٽالا ليڊيز اهلڪارن سميت پھچي وئي، جنھن دوران ڌرڻي وارن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون شروع ٿي ويون، پوليس مظاھرو ڪندڙن تي لاٺي چارج شروع ڪئي، جڏهن ته احتجاج ڪندڙن به پوليس تي پٿراءُ ڪيو، جنھن جي نتيجي ۾ ڪيترائي پوليس اھلڪار ۽ ڪارڪنن لٺيون ۽ پٿر لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ تاج جويو، سندس پٽ سارنگ جويو، ننهن سهڻي جويو ۽ ٻيا شامل هئا. جنهن بعد پوليس مقتول هدايت لوهار جي نياڻين سسئي لوهار، سورٺ لوهار، سندن ڀائرن سارنگ لوهار، سماجي اڳواڻ فوزيه سينگار نوناري سميت ڪيترن ئي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن کي گرفتار ڪري پوليس موبائيلن ۾ وجهي کڻي وئي، کي سچل ۽ ٻين ٿاڻن تي رکيو ويو. اڳواڻن چيو ته اسان پرامن احتجاج ڪري رهيا هئاسين، جيڪو اسان جو جمھوري حق آهي پر لاڙڪاڻو پوليس اسان جي ڌرڻي مٿان ڪڙڪي پئي ۽ نياڻين ۽ بزرگن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو آهي، ان کان اڳ ڌرڻي کي خطاب ڪندي مقتول استاد هدايت الله لوهار جي نياڻين سسئي لوهار، سورٺ لوهار، سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري تاج جويو، اياز ڪورائي، سرفراز ميمڻ، خالد چانڊيو، استاد گل دايو ۽ ٻين چيو ته استاد هدايت الله لوهار سنڌ واسين ۾ شعور پکيڙي هميشه امن، محبت ۽ ڀائيچاري جي پرچار ڪئي، جنهن کي سفاڪ قاتلن ڏينهن ڏٺي جو گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، افسوس جو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس هن وقت تائين قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي واقعي بابت اسان سڀئي ثبوت پوليس کي ڏنا پر پوليس قاتلن کي گرفتار نه پئي ڪري جنهن ڪري خدشو آهي ته استاد هدايت الله لوهار جو خون لوڙھيو ويندو، تنهن ڪري اسين واڳ ڌڻين کان مطالبو ٿا ڪيون ته فوري طور استاد هدايت الله لوهار جي قاتلن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي، ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
-
اهلڪارن سميت ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي هٽايو وڃي: ادبي سنگت
ٽنڊوالهيار ( ڊ ر ) لاڙڪاڻي پوليس پاران سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل تاج جويو، سندس پٽ ۽ ننهن تي ٿيل تشدد خلاف سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي عورت جوائنٽ سيڪريٽري خالده منير ٽنڊوالهيار ضلعي جي رابطا سيڪريٽري محمد علي ميرجت نامياري شاعر روحل ڪالرو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته لاڙڪاڻي ۾ پوليس گردي جو مظاهرو ڪيو ويو آهي. سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ نامياري اديب تاج جويو سميت ٻين تي وحشياڻي تشدد جي جيتري به مذمت ڪجي اھا گهٽ آهي. هنن مطالبو ڪندي چيو ته تشدد ڪندڙ پوليس اهلڪارن سميت ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي فوري طور هٽايو وڃي. هنن چيو ته جتي سنڌ جا اديب شاعر محفوظ نه هجن اتي عام ماڻهن سان ڇا ٿيندو هوندو؟ هنن چتاء ڏنو ته جيڪڏهن تشدد ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪاروائي نه ڪئي وئي ته سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي قيادت سنڌ جي هر ضلعي ۾ ڀرپور احتجاج جو سڏ ڏيندي.
-
لاڙڪاڻي ۾ نياڻين تي تشدد ۽ گرفتاريون مذمت جوڳيون آهن: نواز زئور
ٺٽو(ڊ ر) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو آھي ته ڪوٽڙي کان ھيٺ سنڌو درياء ۾ پاڻي ڇڏي ساحلي پٽي کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي، سنڌ جي ساحلي پٽي جي زمين کي سمنڊ تيزي سان گڙڪائي رھيو آھي ساحلي پٽي جا ماڻھو لڏپلاڻ ڪري تي مجبور بڻيل آھن لاڙ پٽي جو جر کارو ٿي ويو آھي. اھڙو اظھار ھن ٺٽي ۾ ڪامريڊ ربڏني ڀٽي جي وفات تي ايڊوڪيٽ منور ڀٽو سان تعزيت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو. نواز خان زئور لاڙڪاڻو ۾ ھدايت لوھار جي قاتلن جي گرفتاري خلاف نڪتل ريلي تي لٺبازي ۽ نياڻين جي گرفتاري جي مذمت ڪندي نواز خان زئور چيو ته سورٺ لوھار، فوزيه سنگھار نوناري، سسئي لوھار سميت گرفتار ڪيلن کي آزاد ڪيو وڃي،انھي موقعي تي قادر بخش زئور، انور خاصخيلي، گلشير چانگ پڻ ساڻس گڏ ھئا.
-
لاڙڪاڻي ۾ پرامن ريلي تي پوليس تشدد بربريت آهي: دودو ديشي
حيدرآباد(پ ر)جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين ڪامريڊ دودوديشي جنرل سيڪريٽري سيف الله سرگاڻي پريس ترجمان شيبر جمالي ھدايت لوھار جي انصاف لاءِ ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ لاڙڪاڻي ۾ پرامن ريلي تي لاٺي چارج سسئي ۽ سورٺ لوھار سميت سياسي ڪارڪنن جي گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي گرفتار سمورن ڪارڪنن جي فوري آزادي جي گهر ڪئي آهي،هنن چيو ته شھيد ھدايت لوھار جي نياڻين سسئي ۽ سورٺ لوھار جي گرفتاريء جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي فوري طور تي مظلوم نياڻين کي آزاد ڪيو وڃي تشدد ڪندڙ پوليس کي گرفتار ڪيووڃي.
-
ٽنڊي محمد خان ۾ لاڙڪاڻي پوليس جي بربريت خلاف احتجاج
ٽنڊو محمد خان (رپورٽ : اويس حيدر شورو ) ٽنڊو محمد خان ۾ جسقم طرفان لاڙڪاڻي پوليس پاران شهيد هدايت لوهار جي نياڻين سورٺ ۽ سسئي کي سندس والد جي قاتلن جي گرفتاري تي احتجاج ڪرڻ جي ڏوھ ۾ گرفتار ڪرڻ واري عمل خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي جسقم آريسر جي اڳواڻ عبدالخالق خاصخيلي ، سڪندر سنڌي ، راجيش ٺاڪر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پنهنجي والد جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ نياڻيون احتجاج به نٿيون ڪري سگهن ، سنڌ جي نياڻين سورٺ ۽ سسئي کي گرفتار ڪرڻ وارو عمل شرمناڪ آهي ، سنڌ جي نياڻين سان انصاف ڪيو وڃي ، هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ مارا ماري لاشن ڏيڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سموري سنڌ سراپا احتجاج هوندي .
-
حڪومت ٻڌائي ته هدايت لوهار جا قاتل گرفتار ڇو ناھن ٿيا؟اياز لطيف
حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي لاڙڪاڻي ۾ پرامن ريلي تي پوليس تشدد ۽ گرفتارين جي مذمت ڪندي چيو آھي ته پنھنجن حقن لاءِ پرامن احتجاج ۽ آواز اٿارڻ ھر شھري جو حق آھي. سنڌ جي ماڻھن کان پرامن احتجاج جو حق کسڻ ۽ انھن جي آواز کي دٻائڻ بربريت، آمريت ۽ ظلم آھي. نام نهاد جمھوريت جي جبي ۾ آمر ذھنيت سنڌ تي مسلط ڪئي وئي آھي. سسئي ۽ سورٺ لوھار پنھنجي والد شھيد ھدايت لوھار جي قتل خلاف پرامن احتجاج ڪري رھيا ھئا. سنڌ حڪومت ٻڌائي ته ڇو قاتل گرفتار ناھن ٿيا؟ ڇو مظلومن سان انصاف نٿو ٿئي؟ قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف پرامن احتجاج سسئي ۽ سورٺ لوھار جو قانوني، جمھوري ۽ انساني حق آھي. پيپلز پارٽي حڪومت پرامن احتجاج ڪندڙ نياڻين، ٻارن، سياسي ڪارڪنن ۽ صحافين سان ڳالھيون ڪرڻ ۽ انصاف ڪرڻ بدران انھن تي تشدد ڪري پيغام ڏنو آھي ته پيپلز پارٽي حڪومت مان انصاف جي اميد نه رکي وڃي. سنڌ حڪومت جو اھو رويو سنڌ جي ماڻھن ۾ انارڪي ۽ شديد بيزاري کي جنم ڏيندو. ڇا ماڻھو پرامن احتجاجن بدران قانون ھٿ ۾ کڻن؟ بدمست حڪمران سمجھي ڇڏين ته عوام جي آواز کي لٺ يا بندوق جي زور تي دٻائڻ جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا.
-
پوليس هدايت لوهار جي قاتلن بدران وارث پئي گرفتار ڪري: رياض چانڊيو
ٽنڊوآدم (ن ع آ)جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آهي ته هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌ کي ڌاڙيلن ، ڦورن ۽ چورن حوالي ڪيو ويو آهي هٿرادو طور سنڌ جو امن امان تباهه ڪيو ويو آهي هڪ سازش تحت هندو سنڌين کي لڏائڻ لاءِ سنڌي هندن کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي ڌاڙيلن جي خاتمي ، ڌرتي ڌڻين جي تحفظ لاءِ 24 اپريل تي حيدرآباد پريس آڏو ڌرڻو هڻڻ سميت نيشنل هاءِ وي علامتي ڌرڻا هنيا ويندا جنهن لاءِ آئون اهل سنڌ سول سوسائٽي سميت سموري سنڌ دوست پارٽين کي اپيل ڪندس ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري سنڌ دوستي جو ثبوت ڏين ،اهڙو اعلان هن ٽنڊوآدم صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته پ پ حڪومت سنڌ ۾ ڪرپشن ۽ ڌاڙيل راڄ کي فروغ ڏيئي رهي آهي،هن چيو ته نهايت افسسوس جي ڳالهه آهي ته هڪ استاد هدايت الله لوهار جي قتل تي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ احتجاج ڪندڙ سندس وارثن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن هن چيو ته اسان کان صحت تعليم ، روزگار ، سنڌو جو پاڻي به کسيو ويو آهي،پ پ پاران اپريشن لاءِ اربين رپيا رکيا ويا آهين جيڪي هو پاڻ ، پوليس ۽ رينجرز ملي کائي رهيا آهن ان موقعي تي ڊاڪٽر خوشحال ، منٺار چولياڻي ، پرويز چانڊيو ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا .
-
پرامن احتجاج ڪرڻ جو عوام کان حق کسيو ويو آھي: عوامي تحريڪ
حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس مرڪزي صدر لال جروار جي صدارت ۾ ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿي گذريو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 7 جون تي عوامي تحريڪ جي سربراه سنڌو درياهه جي وڪيل، عظيم انقلابي اڳواڻ رسول بخش پليجي جي ڇهين ورسي جي موقعي تي جنگشاهي ۾ سندس آخري آرام گاهه تي لکين ماڻهن جو جلسي عام ڪري کيس خراج تحسين پيش ڪيو ويندو. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته پارليامينٽ کي رٻڙ اسٽيمپ بڻائي جمهوريت تي حملو ڪيو ويو آهي. عملي طور ملڪ جا انتظامي ۽ آئيني اختيار پارليامينٽ بدران هڪ مخصوص اداري جي حوالي ڪيا ويا آهن. پرامن احتجاج ڪرڻ جو عوام کان حق کسيو ويو آھي. اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جهڙي غير آئيني ۽ غيرقانوني اداري معرفت ملڪ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضو ڪيو پيو وڃي. سنڌ ۾ بدامني، لاقانونيت ۽ ڌاڙيلن جو راڄ قائم آھي. ڌاڙيل راڄ ۽ بدامني ختم ڪرڻ لاءِ حُڪمران ڪو به عملي قدم نه پيا کڻن. ارسا ايڪٽ ترميمي آرڊيننس جمهوريت تي راتاهو آهي اجلاس ۾ نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، ايڊووڪيٽ وسند ٿري، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، عبدالقادر رانٽو، ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.