گهوٽڪي ۽ ڪشمور ۾ ڌاڙيلن خلاف گڏيل آپريشن لاءِ آءِ جي سنڌ کي خط

ڪراچي  (م ڊ)  گهوٽڪي ۽ڪشمور وچ ۾ رهندڙ ڌاڙيلن جي خلاف گڏيل آپريشن لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي آءِ جي سنڌ کي خط لکي  ڇڏيو، پنهنجي خط ۾ ايس ايس پي انور کيتران ڳڻتي  ظاهر ڪندي لکيو ته ڌاڙيلن وٽ جديد  هٿيار آهن ۽ اهي کلي عام پوليس کي ڌمڪيون ڏئي  رهيا آهن، ڌاڙيلن  سان مقابلي لاءِ پوليس کي ملٽري گريڊ جي هٿيارن جي ضرورت آهي، ايس ايس پي گهوٽڪي آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ چيو ته ڌاڙيلن جو جاگيراڻي ۽ شر گينگ ڪشمور ۽ گهوٽڪي وچ  ۾ آباد آهي، ڌاڙيل مقامي واپارين کان ڀتو وٺي  رهيا آهن، هن لکيو ته ڌاڙيل ڪنڌڪوٽ پل  جي اڏاوت ۾ به رنڊڪون وجهي رهيا آهن ۽ ماڻهو اغوا به  ڪري رهيا آهن، آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ انور کيتران زور ڏيندي چيو ته ڌاڙيلن جي خلاف ڪچي ۾ وڏي پئماني تي گڏيل آپريشن جي فوري ضرروت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.