چئن ضلعن ۾ جلد آپريشن ڪيو ويندو: بابل خان ڀيو

شڪارپور (رپورٽ : ذوالفقار مگسي )پ پ پ اڳواڻ مير بابل خان ڀيو کي وزارت ملڻ بعد قافلي جي صورت ۾ پنھنجي ڀاءُ پ پ ضلعي  صدر مير عابد حسين خان ڀيو سان گڏجي ڳڙھي خدابخش ڀٽو پھچي شھيدن جي مزار تي حاضري ڀري ان موقعي تي صوبائي وزير مير بابل خان ڀيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته مان پ پ قيادت جو ٿورائتو آهيان جن منھنجي مٿان اعتماد ڪندي صوبائي صلاحڪار مقرر ڪيو آھي ٻيلي کاتي ۽ واليڊلائيف کاتي ۾ بھتري آڻيندس هن چيو ته سنڌ جي چئن ضلعن شڪارپور،ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور ضلعن ۾ بدامني جو سي ايم سنڌ نوٽيس ورتو آھي جلد آپريشن ڪيو ويندو ھن وڌيڪ چيو ته رمضان المبارڪ جي بابرڪت مهيني ۾  واپاري ذخيره اندوزي ختم ڪن سرڪاري اگھن تي شين کي وڪرو ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ ڪاروائي ڪئي ويندي ان موقعي تي ٽائون ڪاميٽي مدئجي جو چيئرمين سردار زاده نجف علي خان ڪماريو ،ڊاڪٽر شوڪت علي ميمڻ ،آغا عاشق علي خان پٺاڻ ساڻس گڏ هئا ٻئي طرف سلطان ڪوٽ پھچي پ پ پ اڳواڻ آغا عاشق خان پٺاڻ پاران سندس ڏنل مان ۾ افطار پارٽي ۾شرڪت ڪئي ،جتي خان ڀيو ،مولا بخش بروهي ،محمد حيات ميراڻي ساڻس گڏ هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.