سنڌ حڪومت پاران 20 مارچ کان ڪڻڪ خريداري جو عمل شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (م ڊ) سنڌ حڪومت پاران 20 مارچ کان صوبي ۾ ڪڻڪ جي خريداري جو عمل شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي خوراڪ کاتي واري  وزير ڄام خان شورو جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت  20 مارچ کان ڪڻڪ جي خريداري جو عمل شروع ڪندي، خوراڪ کاتي پاران سموري صوبي ۾ 353 ڪڻڪ جي خريداري خريداري جا مرڪز قائم ڪيا ويندا. ڄام خان شورو پنھنجي جاري  ڪيل بيان ۾  وڌيڪ چيو آهي  ته  سنڌ جي خوراڪ کاتي پاران حيدرآباد ڊويزن ۾ 78،  لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 71، سکر ڊويزن ۾ 68، شھيد بينظيرآباد ۾ 58، ميرپورخاص 40 ۽ سانگھڙ ۾ 38 ڪڻڪ خريداري جا سرڪاري سينٽر قائم ڪيا ويندا.  ڄام خان شورو چيو ته خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ جي خريداري لاءِ مڪمل اپاءَ ورتا ويا آھن, سنڌ حڪومت ڪڻڪ جو اگهه 4 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪري ڇڏيو آهي, سنڌ ۾ 9 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.

  1. ڪراچي ۾ روزانو 10 هزار کان وڌيڪ ٽريفڪ چالان ڪٽجڻ لڳا

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۾ روزانو 10 هزار کان  وڌيڪ ٽريفڪ چالان  ڪٽجي رهيا آهن، شهرين کان چالان جي مد ۾ روزانو اٽڪل هڪ ڪروڙ روپيا ورتا پيا وڃن، تفصيل  موجب ڪراچي جي شاهراهن  ۽ چوڪن تي 8کان 10 ٽريفڪ پوليس اهلڪار ۽ آفيسر نظر اچن ٿا، گاڏين ۽  موٽر سائيڪل سوارن کي روڪين ٿا ۽  قانون جون مختلف شقون ٽوڙڻ  جو جواز ٻڌائي چالان ڪيو وڃي ٿو، هزارين روپين جا چالان مهانگائي سبب پريشان عوام جون تڪيفلون اڃان وڌيڪ وڌائن ٿا، ڪراچي ۾ 9 ٽريفڪ سيڪشن آهن، ٽريفڪ پوليس عملي جي دعويٰ  هر هڪ سيڪشن آفيسر کي روزانو 25کان وڌيڪ چالان جو ٽارگيٽ ڏنو وڃي ٿو، شهرين ٻڌايو ته ڪجهه اهلڪار وڌيڪ پيسن جي چالان کان ڊڄن ٿا، پوءِ چند سئو جي رشوت وٺي ڪچي پرچي ڏئي چون ٿا ته اڳيان ڪو پڇي يا روڪي ته پرچي ڏيکاري  چوندا ته پوئتي ڏئي  آيو آهيان، ڊي آءِ جي ٽريفڪ چيوته قانون جي ڀڃڪڙين سبب چالان ۾ اضافو ٿيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.