ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ پوليس جو ڪچي ۾ مغوين جي بازيابي ۽ ڏوهارين جي خاتمي خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي.پوليس جو مغوين جي بازيابي ۽ ڏوهارين جي خاتمي لاءِ ڪچي جي دراني مهر واري علائقي ۾ سبزوئي گينگ ۽ ڀيو گينگ خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي.پوليس جو ڀيو گينگ جي سربراه خادم ڀيو ۽ سبزوئي گينگ جي ارصلاح سبزوئي خلاف آپريشن هلندڙ ڏوهارين جي ٿاڪن کي باهيون ڏنيو ويون آهن.ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ بشير احمد بروهي جو چوڻ هو ته آپريشن ۾ بڪتربند گاڏيون،اي پي سي چين،وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪار حصو وٺي رهيا آهن.ڪچي ۾ پوليس جو ڏوهارين جي خاتمي ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن هلندڙ آهي. هلندڙ آپريشن ۾ ڏوهارين سان جديد هٿيارن سان وقفي وقفي فائرنگ جي ڏي وٺ جاري رهي.
هلندڙ آپريشن ۾ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن کان پڇاڳاڇا جاري آهي.
-
بيماري کان تنگ نوجوان سمنڊ ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو
ڪراچي ( رپورٽر ) جناح اسپتال ۾ علاج هيٺ نوجوان بيماري کان تنگ اچي نيٽي جيٽي پل تان سمنڊ ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي.تفصيل موجب نيٽي جيٽي پل تي خودڪشي ڪندڙ 27 ورهين جي شاهزيب پٽ الياس جي ڀاءُ چيو ته منهنجو ڀاءُ شاهزيب 10 ڏينهن کان جناح اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. هن ٻڌايو ته جناح اسپتال مان رڪشا ۾ ويٺو ۽ صبح ساڍي يارنهن وڳي نيٽي جيٽي پل تي پهتو، جتي هن پنهنجي پيشاب جي نلڪي ڪڍي پنهنجو موبائيل فون اڇلائي سمنڊ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، مقتول شاهزيب ٻن سالن کان بيروزگار هو ۽ پيءُ سان گڏ دڪان تي ويندو هو بحريه جي ٽيم شاهزيب جي لاش جي ڳولا ڪري رهي آهي.
-
ڪراچي اورنگي ٽائون ۾ شهري هٿان ڦورو مارجي ويو
ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي مومن آباد ٿاڻي جي حد اورنگي ٽائون سيڪٽر 10 ۾ ايل پي جي گئس فلنگ جي دڪان جي مالڪ کان 2 ڦورو ڦر مار ڪري فرار ٿي رھيا هئا ته ان جي دوران دڪان جي مالڪ پنهنجي لائسنس يافتا پستول سان فرار ٿيندڙ ڦورن تي ويجهي کان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ھڪ مبينا ڦورو مارجي ويو جڏهن ته ان جو ساٿي موٽرسائيڪل ڇڏي ڪري موقعي تان فرار ٿي ويو. اڻ ڄاتل جوابدار جو لاش سرد خاني ۾ رکيو ويو آهي.
-
ٿرڙي محبت ۾ بدامني وڌي وئي،شهري خوف ۾ ورتل
ٿرڙي محبت(رپورٽ:الطاف حسين چانڊيو ) ڪيتري ئي عرصي کان ٿرڙي محبت ۽ڀرپاسي ۾ امن امان صورتحال خراب پوليس امن ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام آهي بدامني سبب شهري بدامني جي خوف ۾ ورتل آهن چوريون ‘ڦرون روزجامعمول بڻيل آهن جڏهن ته ٿرڙي محبت ٿاڻي تي ڪالهه مقرر ٿيل نئي ايس ايڇ او ممتاز سولنگي کي ڏوهارين چيئليج ڪندي ٿاڻي سامهون ديده دليري سان مٺل ڪالوني جي رهواسي نوجوان دانش علي پُٽ عبدالجبار گوپانگ کان هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 30هزار روڪ رقم ‘ ٻه ٽچ موبائل فون‘۽نئي سي ڊي موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا .
ٿاڻي اڳيان ڦر واقعي بعد خبر باهه جيان پکڙجي وئي پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.