ڪنڌڪوٽ ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ سوين شهرين جو مظاهرو،ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ(ممتاز سنڌي+عرفان کوسو)ڪنڌڪوٽ جي صحافي سليم ميراڻي جي اغوا ٿيل سئوٽ خالد عرف لالو ميراڻي،صدر الدين ميراڻي، سھرياڻي برادري جي پورھيت علي بھار سھرياڻي سندس  معصوم پٽ شمن، ڀائٽيو ذيشان، مزدا ڊرائيور در محمد گولو،غلام محمد گولو،علي شير،مير خان،سهراب شيخ،ثناءُالله شيخ مغوين جي بازيابي لاءِ آل پارٽيز جي سڏ تي پريس ڪلب آڏو سوين شھرين ڊاڪٽر مهر چند، چيف مقدم رحمت خان سھرياڻي، غلام مصطفيٰ ميراڻي، دلمراد ڏاھاڻي، سجاد بروھي،ظريت بجاراڻي،بشير ميراڻي،عزيز سومرو،عباس،حافظ عرفان اللّٰه کوسو،مولوي محمد ابراھيم خاڪي،شاھ علي سھرياڻي، گھنشام داس گيھاڻي،تارا چند، وڪيل پون ڪمار،مولوي شمس الدين ڀيري،ثناءالله ميراڻي، غلام رسول ملڪ، حسين بخش سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھرين ۽ متاثر برادرين جي ماڻھن احتجاجي مظاھرو ڪيو امن جي بحالي،مغوين جي آزادي لاءِ سخت نعريبازي ڪئي وئي، اڳواڻن چيو ته ڪنڌڪوٽ ضلعي جون حالتون آخر خراب ڇو ڪيون ويون آهن هي ضلعو اغوا انڊسٽري بڻيل آهي مزدور، مسڪين ڪٿي به محفوظ نه آهن ڏوھاري قانون کان طاقتور بڻجي ويا آهن ھڪ اغوا ٿين ٿا جيڪي مس ڏوھارين جي قيد مان پوليس ڊرامائي انداز ۾ واپس ڪرائي ٿي ته ٻيا اغوا ٿين ٿا اھو ڪم ھاڻي بند ٿيڻ گھرجي چيف جسٽس سنڌ ڪنڌڪوٽ اچي پوليس کي امن امان ڪرڻ جون سختي سان ھدايتون ڪيون پر پوليس پوءِ به خاموش آهي ڊسٽرڪٽ بار سٺو ڪردار ادا ڪيو ھاڻي به ضلعي جي امن امان لاءِ سنڌ ھاءِ ڪورٽ حڪمرانن،پوليس جي اختيارن کي طلب ڪري انھي دوران ڊي ايس پي سيد اصغر شاھ مظاھرين وٽ پھچي ڪري مغوين جي بازيابي لاءِ مھلت طلب ڪندي چيو ته ڏوھارين سان پوليس جي جنگ آهي ڏوھاري پوليس کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ھر حربو استعمال ڪن ٿا احتجاجن سان ڏوھارين کي سپوٽ ملي ٿي جيڪي وارثن ۽ پوليس کان وڌيڪ ڊيمانڊون ڪن ٿا ڏوھارين جي خلاف پوليس جو مسلسل آپريشن جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.