وفاقي سرڪار هر آئي ڏينهن نجڪاري جا ٻول ٻڌائي آخرڪار قوم ۽ آءِ ايم ايف کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهي ٿي؟ اڌ ملڪ ماضي ۾ نجڪاري ۽ آءِ ايم ايف جي ور چڙهي چڪو آهي باقي به اڌ نجڪاري ۽ آءِ ايم ايف ڏانهن هليو وڃي ٿو ته پوئتي ڇا بچندو۔ڇا نجڪاري مسئلن جو حل آهي؟ ان تي ملڪ ۾ سيمينار ۽ عوامي بحث ڪرائڻ جي ضرورٿ آهي.
جيڪڏهن نجڪاري تي نظر وجهبي ته ماضي ۾ کوڙ سارا قومي ادارا نجڪاري پاليسي جي ور چڙهيا آهن پوءِ به آءِ ايم ايف جو قرض لهي ناهي سگهيو هن وقت اربين کربين رپين جا مقروض آهيون قرض لهي ته ناهي سگهيو ويتر قرضي ٿيندا پيا وڃون جنهنڪري هڪ ته رپئي جو ملهه به گهٽجي رهيو آهي ٻيو ته غربت ۽ مهانگائي انهي حد تائين وڌي وئي آهي جيڪا جهلڻ سان جهلجي نٿي سگهي۔جڏهن کان پاڪستان وجود ۾ آيو آهي آءِ ايم ايف جو ڄڻ وارو لڳي ويو آهي۔هن وقت ملڪ ۾ ڪجهه قومي ادارا جن ۾ اسٽيل مل پي آءِ اي ريلوي ۽ واپڊا وڃي بچيا آهن جن جي نجڪاري بعد باقي ڇا بچندو جو ملڪ اڳتي هلڻ جهڙو ٿئي
ملڪ کي وڌيڪ مقروض رکڻ ۽ آءِ ايم ايف جي جهولي ۾ وجهڻ سان ملڪ ڪڏهن به ترقي ڪري يا سائو ستابو ٿي نٿو سگهي اها ملڪ سان سچائپ نه پر دشمني آهي ۽ نجڪاري سان ملڪ ڪنهن اونهي ڌٻڻ ۾ هليو ويندو جنهن سان ڪڏهن به غربت بيروزگاري ۽ مهانگائي ختم ٿيڻ جو سوال پئدا نٿو ٿئي۔آءِ ايم ايف کي پنهنجا مفاد آهن جيڪي هو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي
پاڪستان هڪ ائٽمي ملڪ آهي جنهن کي ترقي ڪرڻ گهرجي ها پر ڪا خاص ترقي ته ٺهيو پر معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاسجي چڪو آهي۔جيڪي ملڪ پاڪستان کانپوءِ آزاد ٿيا آهن يا پاڪستان سان گڏ آزاد ٿيا آهن انهن به بيمثال ترقي ڪئي آهي انهن جو سڪو ۽ رپيو مضبوط بڻيل آهن آءِ ايم ايف جي قرضن کان محفوظ آهن جيڪڏهن مقروض به هوندا ته نالي ماتر هوندا ۽ پوءِ به خوشحال هوندا جڏهن ته پاڪستاني ماڻهن ۾ آءِ ايم ايف جو خوف وڌو پيو وڃي
آءِ ايم ايف جو وفد پاڪستان سان قرض جي باقي رهيل قسط جاري ڪرڻ کان نون شرطن سان سامهون آيل آهي ۽ ڳالهيون جاري آهن۔جيڪي نوان شرط سامهون آيا آهن تن موجب تيل گئس ۽ بجلي جا اگهه وڌائڻ عوام کي سبسڊي جي صورت ۾ ملندڙ رعايت ختم ڪرڻ شرط سر فهرست آهي جنهن تي نئين سال جي بجيٽ ۾ منظوري ورتي ويندي ۽ نوان اگهه پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿيندا۔اهڙي طرح ٽيڪسن ۾ ڏنل ڇوٽ ختم ڪرڻ سان گڏ ٽيڪسن جو دائرو وڌائڻ جي آءِ ايم ايف کي ڀلي ڀت خاطري ڪرائي وئي آهي۔اهڙي طرح سرڪاري ملازمن کي ٽيڪس جي مد ۾ ڏنل رعايت گهٽائڻ ۽ پينشن نظام ۾ به تبديلي آڻڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي جنهن سان غربت وڌندي ۽ عوامي مسئلا ڪر کڻندا۔تازو ٿيل عام چونڊن آءِ ايم ايف خلاف پنهنجو فيصلو ڏنو آهي ته هاڻ ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت ۽ عوام خانداني سياست ۽ خاندائي حڪمراني کي ٿڏي ڇڏيو آهي ۽ اهي ملڪ ۾ ترقي خوشحالي ۽ سائي انقلاب جا پوئلڳ آهن
جيڪا به صورتحال آهي هاڻ عوام ڪنهن به صورت ۾ مهانگائي جو بار سهڻ جهڙو ناهي رهيو۔ٽيڪس وڌائڻ سان غربت ۾ اضافو ٿيندو عوام پنهنجو علاج به ڪرائي نه سگهندو جو دوائون مهانگيون ٿينديون بجلي گئس جا بل ڀري نه سگهندا پر هڪ ويلو به شايد ماني کائي سگهن۔هنن سمورين ڳالهين کي به نظر مان ڪڍڻ جي ضرورت آهي
آءِ ايم ايف کان وڌيڪ قرض وٺڻ جي ڪا به ضرورت ناهي رڳو ادارا هلائيندڙن جو قبلو درست ڪريو۔بجلي گئس تيل جي چوري بند ڪرايو ۽ ادارن جي سربراهن جو احتساب ڪريو ته ادارا منافع بخش ٿي سگهن ٿا۔ادارن جي وڌيڪ نجڪاري سان بيروزگاري وڌندي هزارين خاندان فاقه ڪشي جو شڪار ٿيندا۔جائدادن جو اگهه وڌندو اسٽيٽ ڪاروبار مندي جو شڪار ٿيندو جنهن کي منهن ڏيڻ به مشڪل ٿي پوندو۔صرف مل جي زرعي صنعتي تيل گئس بجلي جي پئداوار تي ڪنٽرول ڪيو تڏهن به وڌيڪ قرض وٺڻ جي ضرورت نه پوندي۔اسان کي ڪنهن به صورت ۾ آءِ ايم ايف کان جان ڇڏائڻي پوندي۔