پاڪستان تحريڪ انصاف جو مونجھارو

تحرير: امتياز عالم

تحريڪ انصاف ڪري بھ تھ ڇا ڪري؟ پهرين ته ابتا ڪم بھ سڌا ٿي رھيا ھئا. سائيفر جي سازشي ھوش اڏائيندڙ ڪھاڻي ھجي. قومي اسيمبليءَ مان استعيفيٰ ھجي، پنجاب ۽ پختونخواهه جي اسيمبلين جو ٽوڙڻ ھجي يا 9 مئي تي بيرڪن تي حملو، اهي سڀ سندس ڳچيءَ ۾ پيا ، پر سياسي ٽڪراءُ جي لاءِ تيل فراهم ڪري. عمران خان جو هر ايڊونچر سندس اونچي اڏام وڌائڻ لاءِ ڪم آيو.جيتوڻيڪ انهيءَ مهم جوئي ۾ پهرين صف جي اڪثر قيادت دم وڃائي ويٺي يا وري جبريت جي وري چڙھي وئي.  پر  عوامي حمايت هئي جيڪا بلندين کي ڇهندي رهي. عمران خان ڪرشماتي هيرو کان وٺي مسيحا ۽ مرشد جي بلند مقام تي وڃي پهتو، پر پيرن ۾ ٻيڙيون پائي. قيادت جو خلا ڀريو بھ تھ موقعي پرست وڪيلن، جيڪي نھ تھ خان کي سياست سيکاري سگهيا،نھ ئي وري سندس ڪيس صحيح نموني وڙهي سگهيا.

تحريڪ انصاف ۽ ان جي ڪارڪنن جي ڏکيائين جو دور ختم نه ٿيو ۽ اھي ڪٿي ٻرن  ۾ لڪي گھات لڳائڻ لاءِ ويهي رهيا. قيادت جو بحران پيدا ٿيو، جنهن جو نتيجو تحريڪ انصاف جي  اڍنگي چونڊن جي صورت ۾ پڌرو ٿيو. عدليه انڌو انصاف ڪيو ۽ بيٽ ڦري ووٽرن جي وڏي حلقي کي اوندهه ۾ ڌڪي ڇڏيو. عدليه تحريڪ انصاف کان بيٽ جي نشان ڦرڻ کانسواءِ بھ ٻيهر پارٽي کي چونڊن ڪرائڻ جو چئي پئي سگھي.پر پارٽيءَ جي حيثيت ۾ان جي ڏيهه نيڪالي ٿي وئي.نھ اميدوار بيهي پئي سگهيا، نھ پارٽي جهنڊو ڦڙڪائي پئي سگھي ۽ نه ئي عمران خان جو نعرو مستانه بلند ڪري پئي سگهي. ڪارڪنن ۽ ووٽرز  رڳو 8 فيبروري جي انتظار ۾ ويھي رهيا ۽ پوءِ انھن وري سڀني کي اھڙي شڪست ڏني جو، نواز شريف کي پنهنجي اسپيچ  ملتوي ڪرڻي پئي ۽ خود نوازشرفي کي مائنس ڪرڻ لاءِ فتح جي اٽي ۾لوڻ وڌيڪ وڌو ويو. انٽرنيٽ بند ڪيو ويو ۽ رات پيٽ ۾فارم 45 جي سرجري ڪري فارم 47 ذريعي عوامي مينڊيٽ جو راڳ ڳايو ويو. ووٽ چوري تھ ٻڌو ھو،نتيجا چوري  پهريون ڀيرو ڏٺي. جيڪڏھن مينڊيٽ 80 سيڪڙو صحيح بھ هو، پر 20 سيڪڙو جي ميلاوٽ سڄن چونڊ نتيجن کي شڪي بڻائي ڇڏيو. عمران خان کي ٻيو ڇا گهرجي ھا ؟ مسلسل تڪرار جو سبب. اخلاقي فتح پڻ ۽ گڏوگڏ حڪومت جي سخت مشق واري مٿي ۾ سور وجھڻ کان آجپو.معاملو نتيجن جي درستگي تي ختم ٿي وڃي ها ته سياسي بحران ٽري وڃي ها ۽ حڪومت لاءِ ڪجھه  اخلاقي جواز پيدا ٿي وڃي ها، پر ان  ڏينهون ڏينهن شدت لاءِ مصالحو وڌو پيو وڃي. پي ٽي آءِ جو نشان بيٽ ڇا ڦرجي ويو ته مخصوص سيٽون به ھٿن مان ويون. تحريڪ انصاف جي اميدوارن جي نتيجن تبديل ڪرڻ واري درخواست جي ٻڌڻي تھ ڇا ٿيڻي ھئي، الٽو ٻيهر ڳڻپ ۾ ان جون سيٽون گهٽجي رهيون آهن ۽ پارٽي کي فائدي بدران  نقصان کڻڻو پئجي ويو. ٻيهر ڳڻپ جو مطالبو کيس مهانگو پئجي ويو. ان کان اڳ جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور ڪو آپگهاتي حملو ڪري، سندس نااهلي واري درخواست تي طلبي ڇا ٿي جو کيس جھڪي ان وزيراعظم وٽ  مٿو ٽيڪڻو پيو،جنھن کي ھو مينڊيٽ چور وزيراعظم قرار ڏئي چڪو هو.

چاھي پي ٽي آءِ جي نوجوانن کي ڪيترو به خراب ڇو نه لڳي، پر عمران خان کي اهوڪوڙو ڊڪ  پيئڻو پيو ته ،حڪومت هلائڻ جو امتحان سندس پارٽيءَ جي سر تي ملڪ ۾ نه، پر هڪ صوبي ۾ اچي ويو آھي. ان جي واڳ ھڪ اھڙي ھٿ ۾ ڏيڻي پئي،جنھن کي ڪو قرار آھي نھ ئي ڪا سوچ سمجهھ، بيٽ ڦرجي وڃڻ بعد  پارٽي قيادت هڪ مٿان ٻي غلطي ڪئي. ڪڏهن مولانا شيرانيءَ جي پارٽي، ڪڏهن سندن ڌڙو وحدت المسلمين ۽ آخر ۾ سني اتحاد ڪائونسل جو حصو ٿيو. جنهن جو چونڊ کاتو ئي بند ھو. نتيجي ۾ تحريڪ انصاف سموريون مخصوص سيٽون وڃائي ويٺي، جنھن جو بنياد پارٽي کي پوندڙ ووٽن تي بھ چونڊيل ميمبرن جي تناسب جي بنياد تي آھي. پختون خواهه اسيمبليءَ ۾ جتي ٻيون پارٽيون شايد ٻه يا ٽي سيٽون کڻي سگهيون ٿي، اهي سڀ کڻي ويون. متناسب نمائندگي سان ھن کان وڏي ڪا زيادتي ٿي پئي سگھي جيڪا ھتي ڪئي وئي.

ھاڻي پارٽي ڪري تھ ڇا ڪري ،جڏهن هر  تدبير ابتي ٿي رھي آھي ؟ پارٽي چونڊن جي باوجود، پي ٽي آءِ هڪ ورهايل ھائوس آهي، جنهن ۾ عجيب و غريب ۽  متضاد ٻوليون ٻوليندڙن ۽ هڪ ٻئي جون ڄنگون ڇڪيندڙن جي کوٽ نھ آھي. باني ڪيسن جي انبار ۾ ڦاٿل آهي ۽ پارٽي کي ڪو رستو نھ پيو سجھي.سسٽم مان نڪرڻ جو نتيجو ھي ڀوڳي چڪي. سسٽم ۾ واپسي ڪرڻي آھي يا ڊھندڙ ديوار کي ڌڪو ڏيڻو آھي. ٻئي ڪم ھڪ ئي وقت ھلڻ وارا نھ آھن. مٿان وري مرشد ڪنهن به سياسي اسٽيڪ هولڊر سان هٿ ملائڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن ته ٻاهران ويٺل ڀڳوڙا مجاهدن ايجنٽ پروڪٽيٽرز، شهباز سان وڙهائڻ لاءِ ڀڙڪائي رهيا آهن. انهن کي تحريڪ انصاف ۽ جمهوري تسلسل ۾ ڪا دلچسپي ناهي. دلچسپي آھي تھ رڳو وڳوڙ جيڪو سوشل ميڊيا تي سٺو وڪامجي ٿو. هائيبرڊ وار  جي پنجين پيڙھي جا ڀڳوڙا پنھنجي ئي ناخدائن تي شروع ٿي ويا آھن.سينيٽ چونڊن ۾ سيٽن وڃائڻ بعد يا وري ابتي ڳڻپ ٿيڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف 80 سيٽن کٽڻ جي دعويٰ تان 20 سيٽن کي بچائڻ جي ڊڪ ڊوڙ ۾ ڦاسندي پئي نظر اچي يا وري ان کي اليڪشن جي ٽربيونلز جي ٽرڪ جي بتي جي پويان لڳائي ڪري حڪمران اتحاد پنھنجا پير ڄمائي رھيو آھي. ٻيهر چونڊون ٿيڻ جو امڪان بنهھ ناهي ۽ اسيمبلي کي مڇي مارڪيٽ بڻائڻ سان ڪجھه  بھ ھٿ لڳڻو نھ آھي.

هاڻي تحريڪ انصاف لاءِ بنيادي چئلينج  پنھنجي بقا جو آهي. ان لاءِ اھا حڪومت جي ڪمزورين جو فائدو ضرور وٺي سگھي ٿي پر مخالف ڪيمپ ۾ اختلافن جو فائدو وٺي ۽ لچڪيدار سياسي حڪمت عملي سان. تحريڪ انصاف لاءِ ضروري آهي ته پنهنجي جاءِ بچائڻ لاءِ پنهنجي بقا لاءِ پنهنجي سمورن مخالفن کي هڪ لٺ سان ھڪلڻ بدران وڏن حريفن خلاف ننڍن حريفن سان صلح ڪري. سول سوسائٽي سان پنھنجي نفرت ختم ڪري ۽ جمهوري ڪلچر اپنائي. ملڪ جو بحران جلد ختم ٿيڻ وارو ناهي، حڪومت اندر کان ڪمزور ۽ طاقتور تي ڀاڙيندڙ آهي، جنهن وٽ معاشي ۽ ادارتي بحران کي حل ڪرڻ جو نسخو ان وٽ نھ آھي.آءِ ايم ايف وٽ آهي. شهباز سرڪار وٽ ڪو بھ نئون نسخو نھ آهي ۽ نه ئي ڪو پذيرائي جو دم خم آھي. رڳو عمران خان مائنس نھ ٿيو آھي. نواز شريف ۽ بلاول ڀٽو به مائنس ڪيا ويا آهن. موقعو مليو بھ آھي تھ آصف علي زرداري ۽ شهباز شريف يا وري پنجاب ۾ مريم نواز ڪيئن ٿا کيڏن جو ن ليگ ٻيهر بحال ٿي وڃي، جيڪو ڪافي مشڪل نظر اچي ٿو. بھتر آھي تھ عمران خان لچڪ ڏيکاري، هڪ قدم پوئتي هٽي ۽ سسٽم ۾ واپسي جي حڪمت عملي تي قائم رهي. ٻي صورت ۾ جيڪو ڪجھه  بچيو آهي اهو به هٿ مان نڪري سگهي ٿو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.