ھڪ پوليس آفيسر،جنھن ان عورت جي جان بچائي، جي گھڻي ساراهه ڪرڻ کان پوءِ اڪثر پاڪستاني ان واقعي کي وساري ويٺا تھ لاھور ۾ ان عورت تي توهين مذھب جو الزام لڳو هو، ڇاڪاڻ ته ھن کي اهڙو لباس پهريل هو، جنهن تي عربي خطاطي واري ڊيزائن هئي. هوءَ تشدد جي شڪار ٿيڻ کان ذري گھٽ بچي وئي. اڻ پڙهيل عوامي ھجوم ان ڊزائين کي مقدس لکڻي سمجهي رهيا هو. اها صورتحال هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ۾ انتهاپسندي جي مسئلن کي اجاگر ڪري ٿي، اهڙن واقعن کي اھو چئي نظرانداز ڪرڻ يا انهن کي پوئتي ڌڪي ڇڏڻ تھ، اھي قومي ڌارا کان ڪٽيل ماڻهون آھن،اھڙن واقعن کي ٻيهر ٿيڻ کان روڪي نه سگهندو. ڊسمبر 2021 ۾، سيالڪوٽ ۾ هڪ ڪارخاني جي سري لنڪن مينيجر تي توھين جو الزام مڙھي مڇريل ماڻهن تشدد ڪرڻ بعد قتل ڪري ڇڏيو، ان بعد ھن جي لاش کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو.بعد ۾ معلوم ٿيو ته اهي الزام ڪوڙا هئا. لاهور ۾ عربي لکت واري لباس پائڻ واري عورت خوش قسمت هئي ته اهڙي انجام کان بچي وئي.
اسلامي دنيا ۾ لباس، عمارتن ۽ ٻين ڪيترين ئي شين کي عربي خطاطي جي ڊيزائن سان سينگارڻ عام ڳالھھ آھي، پر مذهبي معاملن خاص ڪري توهين جي حوالي سان پاڪستان جي غير منطقي ماحول ۾ هن عورت جي زندگي خطري ۾ پئجي وئي هئي. ان واقعي جي عالمي سطح تي ٿيل تشھير ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ڇڏيو آهي ته پاڪستان ۾ جيڪو به ڪاروبار ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، ان واقعي کانپوءِ هو اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويندو ته کيس به اهڙن ئي خطرن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.
جڏھن دنيا ڪنهن قوم کي انتها پسند يا جنوني سمجهي ٿي ته ان قوم کي ان جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي. نسلي بنيادن تي ٿيندڙ تشدد انهن ماڻهن جي حوصلھ شڪني ڪري ٿو جيڪي انهن ملڪن ۾ سيڙپڪاري جو سوچي رهيا ھئا.جتي جي آبادي انهن جي نسل کان مختلف هجي ۽ اتي اهو فرق هڪ مسئلو سمجهيو ويندوھجي. پاڪستان جي حوالي سان مذهبي انتهاپسندي ۽ عقيدن جو خود ساخته تحفظ ملڪ ۾ امڪاني طور تي سيڙپڪاري ۽ واپار جي فيصلن جي رستي ۾ رڪاوٽ آهي. لاهور واقعي کان ٻه ڏينهن پوءِ هڪ عرب واپاري مون سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن کي فوري طور تي پنهنجي زال ۽ ڌيئرن جو خيال آيو آھي. اھي بھ ڪڏهن ڪڏهن اهڙو لباس پائينديون آهن، هن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ”مان پنهنجي ڪاروبار کي پاڪستان تائين وڌائڻ جو سوچي رهيو هوس، پر ڇا مان اهڙن حملن جو خطرو کڻي پنهنجي زال يا ڌيئرن سان لاهور يا ڪراچي مان گذرڻ چاهيندس ؟ ” پاڪستان ۾ اڳ ئي توھين مذھب جا سخت ترين قانون موجود آھن ۽ ان ڪيس م ٿيندڙ ڪيس ۾ موت جي سزا ڏني ويندي آھي.پر ڪجهه گروهه اھو به انتظار نٿا ڪن تھ قانون پنھنجو رستو اختيار ڪري.اھي پاڻ ئي جج، جيوري ۽ جلاد جو ڪردار ادا ڪرڻ چاهين ٿا. ڪيس شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ڪيترن ئي ماڻهن کي تشدد ڪري ماريو وڃي ٿو. الزامن جي ثبوتن جي کوٽ جي ڪري بري ٿيل ماڻهن تي به حملا ڪيا ويندا آهن. ڄڻ ته توهين مذھب جي الزام کان پوءِ ڪنهن ٻئي ثبوت جي ضرورت ئي نه رهي ھجي. اهڙن ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندڙ ججن کي به اهڙن ماڻهن جي رد عمل کان ڊڄڻو پوندو آهي. پاڪستاني سماج کي وڌيڪ مذهبي يا پرهيزگار بڻائڻ بدران مذهب جي نالي تي هجوم کي ڀڙڪائن سان اهڙيون حالتون پيدا ٿي وڃن ٿيون جو هجوم خدا جو خوف وڃائي ويهي ٿو. عرب خطاطي واري لباس پاتل عورت جي تازي ڪيس ۾ پڻ ان عورت کي ھجوم کان معافي وٺي ان جي جذبات کي ٿڌو ڪرڻو پيو. جيتوڻيڪ هن ڪا بھ غلطي نه ڪئي ھئي. مولانا طاهر اشرفي جو چوڻ ھو ته عورت بدران ان ميڙ ۾ موجود مردن کي معافي گهرڻ گهرجي ها.
پاڪستان ۾ ھڪ ٻئي پويان ايندڙ حڪومتن اھڙن گروهن کي خوش ڪيو آھي.جيڪي پاڪستانين کي ورهائڻ ۽ خوفزده ڪرڻ لاءِ مذھبي نعرن جو استعمال ڪندا آھن. ڪجهه حڪومتن ته انتها پسندن کي پاڪستان جي سلامتي جي ضامن يا سرحد پار افغانستان يا ڪشمير ۾ پاڪستاني اثر کي برقرار رکڻ لاءِ هڪ فاصلي هٿيار طور ڏٺو. مذهبي ڀڙڪي جي صنعت کي هٿي وٺرائي پاڪستان جي پرڏيهي لاڳاپن ۽ معيشت کي نقصان پهچايو ويو آهي.
سرڪاري انگ اکرمان پتو پوي ٿو ته 2001-2018 دوران دهشتگردي جي واقعن ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح پاڪستان کي 123.13 بلين ڊالرن جي قيمت چڪائڻي پئي آھي. ان ۾ اھا قميت پڻ شامل ڪئي وڃي جيڪا سماج کي جنوني ۽ ڀڙڪائڻ لاءِ تيار ڪري ادار ڪرڻي پئي آھي. جنهن ڪري هو جديد دنيا ۾ پنهنجو اصل مقام سڃاڻڻ کان قاصر آهي. اولھ جي نوآبادياتي نظام جي تسلط ۾ اچڻ کان پوءِ مسلم دنيا وانگر پاڪستان به مظلوميت جو بيانيئو جوڙي ورتو. سموري قومي ڪمينونٽي جي بيانئين وانگر ان ۾ پڻ ڪيتري قدر سچائي آهي. پر مسلم دنيا يا پاڪستان جي تازي ڪمزوريءَ جو سبب نه رڳو اولھ نوآبادياتي نظام يا ان کان پوءِ ٿيندڙ سازشون نھ آهن. پاڪستانين جي گھٽجندڙ خواندگي جي شرح، غيرمعياري اعليٰ تعليم،افرادي قوت ۾ عورتن جي گهٽ ڪردار جي نقصانن کي سمجهڻ جي ضرورت آھي.پر انھن جي ذھنن ۾ سازش جي ٿيورين جا بيانيئا،
وڌيڪ طاقتور قومن سان نفرت ۽ اھڙا مذھبي نعرا جوڙيا ويندا آھن،جيڪي مذھبي گھٽ،سياسي وڌيڪ ھوندا آھن.
6 مارچ 1948ع تي حسين شهيد سهروردي (جيڪو پوءِ ٿوري وقت لاءِ وزير اعظم ٿيو) ان ملڪ جي شروعاتي اڳواڻن کي اھڙي رياست ٺاهڻ کان خبردار ڪيو ھو،جنھن جو بنياد جذبات تي يعني اسلام خطري ۾ يا پاڪستان خطري ۾ آهي، جھڙن نعرن تي رکيو وڃي. سهروردي موجب ”ھڪ اھڙي رياست جيڪا حملن جي خطري تي تيل ھاري قائم ڪئي ويندي ۽ جنهن کي توهان پاڻ سان گڏ آزاد ٿيندڙ رياست هندستان سان ٽڪراءَ جي شعلن کي ڀڙڪائي رکندا،ان ۾ ھر وقت خطري جي گھنٽي وڄندي رهندي. توھان ڀانئون ٿا ته توھان ان کان بچي ويندا پر ان حالت ۾ نه معيشت هوندي، نه ڪاروبار ۽ نه واپار.“ هندستان جي ورهاڱي کان فوراً پوءِ غير مسلمن تي حملن کان خبردار ڪندي سھروردي چيو ھو ته ”اهڙيءَ طرح جي روئي سان قانون جي حڪمراني ختم ٿي ويندي ۽ اهي قانون ٽوڙيندڙ عنصر جيڪي اڄ غير مسلمن جي خلاف آهن بعد ۾ مسلمانن جي خلاف ٿي ويندا ۽ مان چاهيان ٿو ته توهان کي وقت تي خبردار ڪيو وڃي“
اڄ لڳي ٿو ته انھن لفطن ۾ اسان جي مستقبل جو منظر چٽيو ويو ھو. انتهاپسندي کي پوئتي ڌڪڻ جي هڪ جامع حڪمت عملي ئي هڪ اھڙي ملڪ لاءِ اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي جنھن کي ڪيترين ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو.