ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري نمائش چورنگي تي جي ڊي سي پاران رمضان المبارڪ جي چوٿين سحري ۾ شرڪت ڪئي، هتي موجود ماڻهن طرفان گورنر سنڌ جو شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي گورنر سنڌ عوام ۾ سحري به تقسيم ڪئي، گورنر سنڌ چيو ته ظفر عباس جي اڳواڻي ۾ جي ڊي سي عوامي ڀلائي لاءِ ساراهه جوڳا قدم کڻي رهي آهي، گورنر سنڌ عوام کي گذارش ڪئي ته هن مقدس مهيني ۾ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون گهرن.