اي اين پي جو ايمل ولي ۽ نيشنل پارٽي جو جان محمد بليدي پ پ جا سينيٽ اميدوار

ڪراچي (رپورٽر) پ پ سينيٽ چونڊن لاءِ پنهنجي اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو. پ پ جي پڌرائيءَ موجب بلوچستان مان ايمل ولي خان پ پ ۽ اي اين پي جو گڏيل اميدوار هوندو. جان محمد بليدي پ پ ۽ اين پي جو ڏيل اميدوار هوندو، جڏهن ته مير چنگيز خان جمالي ۽ سردار عمر گرگيج پ پ جو اميدوار هوندو. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ٽيريڪنوڪٽ سيٽ تي بلال مندوخيل پ پ اميدوار هوندو، جڏهن ته عورتن جي سيٽن تي مسز عشرت بلوچ ۽ ڪرن بلوچ پ پ جي اميدوار هوندي. بلاول هائوس جي ترجمان موجب سنڌ مان جنرل سيٽن تي ڪاظم شاهه، اشرف جتوئي، مسرور احسن، نديم ڀٽو، سرفراز راڄر ۽ دوست علي اميدوار هوندا. ترجمان ٻڌايو ته سنڌ مان عورتن جي سيٽن لاءِ عيني مري ۽ روبينا قائم خاني اميدوار، جڏهن ته اقليتن جي سيٽن لاءِ پونجو ڀيل اميدوار هوندو.ان کانسواءِ ڪي پي مان روبينا خالد ۽ پنجاب مان فائزا احمد ملڪ پ پ اميدوار هوندي، اسلام آباد مان راڻا محمود الحسن پ پ جو سينيٽ لاءِ اميدوار هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.