ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالرحمن تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا ۾ حددخلين خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، علائقي واسين پاران ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا اظهار الحسن عدالت ۾پيش ٿيو، شهرين طرفان خواجا اظهار الحسن وڪالت نامو جمع ڪرايو، عدالت حددخلين بابت ڪمشنر ڪراچي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، درخواستگذارن جي وڪيل چيو ته حددخلين سبب صنعتن ڏانهن وڃڻ مشڪل ٿي ويو آهي. غير قانوني گهر ٺاهيا ويا آهن، انهن کي اتان ڊاهيو وڃي، جسٽس صلاح الدين پنهور وڪيل کان سوال ڪيو ته اتي ڪيترا ماڻهو رهن ٿا .وڪيل درخواستگذارن جو چيو ته اتي تقريبن هڪ هزار ماڻهو رهن ٿا، جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته ڇا اسان انهن ماڻهن کي جيئرو دفن ڪيون؟ درخواستگذارن جي وڪيل خواجه اظهار الحسن چيو ته هيءَ آبادي 1950ع کان آباد آهي.خواجه اظهار الحسن جو چوڻ هو ته ماڻهن وٽ ڪچي آبادي ۽ ڳوٺ آبادي واري ليز آهي، جسٽس صلاح الدين پنهور پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ان معاملي تي اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙيون ٿا، ڪميٽي ۾ رهواسين ۽ فيڪٽرين جا نمائندا به هجن، ڪميٽي سمورن ڌرين کي ٻڌي ۽ متبادل حل ڪڍي ته جيئن ڪنهن کي نقصان نه پهچي.