ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ختم ڪئي وڃي: سرونٽس آف سنڌ سوسائٽي

ڪراچي( پ ر) سرونٽس آف سنڌ سوسائيٽي پنھنجي ھڪ ٺھراءَ ۾ مرڪزي حڪومت طرفان اِرسا ائڪٽ کي تبديل ڪرڻ جي سخت لفظن  ۾ مذمت ڪئي آھي  ۽ ساڳئي وقت مسٽر ظفر محمود کي اِرسا  جو چيئر مئن مقرر ڪرڻ جي پڻ سخت نندا ڪئي آھي . ٺھراءَ ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي تھ ويندڙ نگران حڪومت اھو غير قانوني فيصلو ڪيو جيڪو نه صرف آئين جي خلاف ورزي آھي ، پر ننڍن صوبن خاص طور تي سنڌ لاءِ سخت نقصان ڪار ۽ ھاڃيڪار پڻ آھي. اِرسا، ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ( عام مفادن واري ڪائونسل ) جو حصو آھي ۽ آئيني ادارو آھي.   سوسائٽي پنھنجي ٺھراءَ ۾ وڌيڪ چيو آھي تھ اِرسا جي تبديل ٿيل ائڪٽ کي ھڪدم ختم ڪري پراڻو ائڪٽ بحال ڪيو وڃي ۽ نئين مقرر ٿيل چيئر مين کي ھٽايو وڃي . سوسائٽي جي گڏجاڻي  قاضي فضل حق جي گھر ڊفينس ڪراچي ۾ ٿي گذري ، گڏجاڻي ۾ ملڪ جي صدر جناب آصف علي زرداري ، وزير اعظم شھباز شريف کي پڻ اپيل ڪئي وئي تھ نئين ارسا ائڪٽ کي ختم ڪيو وڃي . گڏجاڻي جي صدارت جناب قاضي فضل حق سوسائٽي جي صدر ڪئي ، جنھن ۾ ھيٺين ميمبرن شرڪت ڪئي ؛ محمد اسلم بلوچ ، پروفيسر اعجاز قريشي ، ڊاڪٽر ايم . اي شيخ ، ڊاڪٽر محبوب شيخ ، ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀر ، سليمان جي ابڙو ، امان الله شيخ ، پروفيسر مشتاق ميراڻي ، ڊاڪٽر رياض شاھد دايو ، ڊاڪٽر وجي ڪمار آھوجا ، محمد يوسف ميمڻ ۽ امين جويو ۽ ٻيا شامل هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.