سنڌ پوليس ۾ ايس ايس پيز جون وڏي پئماني تي مقرريون ۽ بدليون

ڪراچي( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) سنڌ پوليس جي ايس ايس پيز جون وڏي پئماني تي بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن , آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا پاران جاري ڪيل نوٽيفيڪشن  مطابق حفيظ الرحمن کي ايس ايس پي ويسٽ مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اتان شاد ابن مسيع کي بدلي ڪري سي پي او ڪراچي ۾ رپورٽ ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آهي. بدين مان بدلي ڪري  مير روحل کوسو کي ايس ايس پي گھوٽڪي مقرر ڪيو ويو ۽ اتان محمد انور کتران کي بدلي ڪري سي پي او ڪراچي رپورٽ ڪرڻ جي ھدايت ڪيي وئي. سکر مان بدلي ڪري زبير احمد نظير کي ايس ايس پي خيرپور مقرر ڪيو ويو  آهي، جڏهن ته ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو  کي بدلي ڪري سي پي ڪراچي ۾ رپورٽ ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر سمير نور کي ايس ايس پي سکر مقرر ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي جيڪب آباد قمر رضا جسڪاڻي کي بدلي ڪري سندس جاءِ تي سليم شاھ کي ايس ايس پي جيڪب آباد مقرر ڪيو ويوآهي. جڏهن ته  قمر رضا جسڪاڻي کي جيڪب آباد مان بدلي ڪري ايس ايس پي بدين مقرر ڪيو ويو آهي اي آءِ جي فنانس سي پي او ڪراچي عديل حسين چانڊيو کي بدلي ڪري ايس ايس پي ٺٽو مقرر ڪيو ويو آهي ۽ اتان علي بخش عرف آفتاب نظاماڻي کي بدلي ڪري سي پي او ڪراچي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، عبدالخالق کي عمر ڪوٽ مان بدلي ڪري ايس ايس پي سجاول مقرر جڏھن ته  اتان شھلا قريشي کي بدلي ڪري سي پي او ڪراچي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ڪورنگي جاچ پوليس ايس ايس پي محمد آصف رضا کي بدلي ڪري ايس ايس پي عمر ڪوٽ مقرر ڪيو ويوآهي . سي پي او ڪراچي ۾ پوسٽنگ جي انتظار ويٺل سيد امداد علي شاھ کي بدلي ڪري ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان مقرر ڪيو ويو آهي سانگھڙ مان بدلي ڪراچي ڪيپٽن ريٽائرڊ صدام حسين خاصخيلي کي ايس ايس پي نوشھروفيروز مقرر ڪيو ويو آهي ۽ نوشھروفيروز مان سهائي عزيز ٽالپر کي بدلي ڪري سي پي او ڪراچي ۾ رپورٽ ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آهي. اي آءِ جي موٽر ٽرانسپورٽ سنڌ ڪراچي اعجاز احمد شيخ کي بدلي ڪري ايس ايس پي سانگھڙ مقرر ڪيو ويو  آهي. ايس ايس پي ڪرائيم انوسٽيگيشن براچ ون ڪراچي ڪيپٽن رٽائرڊ محمد اسد علي چوڌري کي بدلي ڪري ايس ايس پي مير پور خاص مقرر ڪيو ويو آهي ان عديل ميمڻ کي بدلي ڪري سي پي او ڪراچي ۾ رپورٽ ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.