عام طور تي مولانا صاحب جي باريءَ ۾ مَشهور آهي ته هوحُڪومت ۾ رهڻ لاءِ ڪُجهه به ڪري سگهي ٿو. خاص طور تي، زرداري ۽ نواز شريف جي حُڪومت ۾ ته هُن جو نه هُجڻ ڄَڻ ته نامُمڪن سَمجهيو ويندو آهي، پر هن ڀيري مولانا صاحب زرداري ۽ نواز شريف جي گڏيل اتحادي حڪومت ۾ رهڻ بدران مخالف ڌُر ۾ هُجڻ جو فيصلو ڪَيو آهي،جڏهن ته گُذريل اتحادي سَرڪار پي ڊي ايم ۾ مولانا صاحب نه رُڳو شامل هو، پر پي ڊي ايم جو سربراهه ۽ اُن حڪومت جو باني پڻ هو. هاڻي سوال اُهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر اَهڙو زرادري ۽ نواز شريف مولانا صاحب سان ڪَهڙو دوکو چَئجي يا سياسي دغا ڪَئي آهي جو مولانا صاحب پنهنجي پُراڻي اتحادين سان گڏجي اتحادي حُڪومت ۾ شامل ٿَيڻ بدران مُخالف ڌُر ۾ هُجڻ جو مُشڪل فيصلو ڪَيو آهي..؟؟
اُن معاملي تي مولانا صاحب جو موقف اُهو آهي ته عام چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي، هن وقت اتحادي حڪومت وٽ عوام جو مينڊيٽ نه آهي، ۽ هي حڪومت گهڻو وقت نٿو ٿي هلي سگهي. مولانا صاحب جا خدشا چئجن يا وري اُن جو سياسي موقف چئجي، بهرحال، ڳالهه ته صحيح آهي بلڪل هي حڪومت جعلي مينڊينٽ تي آيل آهي ۽ هن مانگي تانگي واري حڪومت جي هلڻ جي ڪا نويد به نٿي ملي پر سوال اُهو ته ڇا پي ڊي ايم سرڪار کي عوام جو مينڊينٽ حاصل هو يا وري اُها ڪا طاقتور حڪومت هُئي..؟؟ جيڪڏهن مولانا صاحب پي ڊي ايم جهڙي ڪمزور حڪومت جو حصو بڻجي سگهي ٿو ته هن نئين ۽ اڳ واري پي ڊي ايم کان ڪُجهه وڌيڪ ساکائتي اتحادي حڪومت ۾ شامل ڇو نه ٿو ٿئي..؟؟ مولانا جي اتحادي حڪومت ۾ شامل نه ٿيڻ ۽ پراڻين اتحادين کان پاسيرو رهڻ پٺيان مُنهنجي خيال ۾ هيٺيان ٽي سَبب آهن:
پهريون سبب: مولانا صاحب پي ڊي ايم حڪومت ٺهڻ جي حق ۾ به ان لاءِ آمانده ٿيو هو ته هو پي ڊي ايم اتحاد جو سربراهه آهي، بظاهر عمران خان جي حڪومت کي گهرڀيڙو ڪرڻ ۾ به هُن جواَهم هٿ آهي، ان لاءِ پي ڊي ايم سرڪار ٺهندي ئي هُن کي صدر جو عهدو ملندو ۽ اُن وقت اهڙيون ڳالهيون پڻ ٿي رهيون هُيون ته صدر مولانا ٿيندو ۽ پ پ پ ۽ (ن) ليگ پڻ اهڙا اشارا ڏئي رهيون هُيون پر آءِ ايم ايف سان مُعاهدي ۽ آمريڪا کي ٺاهي رکڻ خاطر اتحادين مولانا سان سچائي نه ڪئي ۽ پنهنجو سياسي فائدو حاصل ڪري مولانا کي وفاقي وزراتون، سينيٽ جو عهدو ۽ ڪي پي ڪي جو گورنر ڏئي، راضي ڪيو ويو پر پي ٽي آءِ جي صدر عارف علوي کي نه هٽايو، جنهن آخر تائين صدر نه پر پي ٽي آءِ جي ورڪر طور ڪم ڪيو ۽ هاڻي اُن کي نه هٽائڻ وارو پي ڊي ايم سرڪار جو اُهو فيصلو غلط ثابت ٿيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مولانا صدارت نه ملڻ واري ناراضگيءَ جي ڪري هن ڀيري ماضيءَ جي اتحادين کان پري آهي.
ٻيو سبب: 16 مهينا پي ڊي ايم سرڪار جيڪا مهانگائي ۽ عوام سان جُٺ ڪئي ۽ اُن تي مولانا جي خاموشي عوام ۾ مولانا جي مُخالفت کي جنم ڏنو ڇاڪاڻ ته اتحادي سرڪار جي اڳيان مولانا هو ۽ وزارتن ۽ عهدن ۾ پڻ ڀاڳي ڀائيوار به هو. تنهنڪري عوام ۾ اُهو تاثر پيدا ٿيو ته جيڪو مولانا عمران خان جي دور ۾ 150 روپيه في ليٽر پيئٽرول وقت “مهنگائي مُڪائو” مارچ ڪڍندو هو اُهو هاڻي اقتدار ۾ اچڻ کان بعد 300 روپيه في ليٽر پيٽرول ٿيڻ تي به خاموش ڇو آهي.؟؟ ان جي ڪري عام چونڊن ۾ عوام مولانا ۽ اُن جي جماعت کي ووٽ نه ڪيو. عام چونڊن ۾ ووٽ بينڪ گهٽجڻ جي ڪري مولانا هاڻي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ بدران اپوزيشن ۾ رهي عوام ۾ سُرخرو ٿيڻ ٿو چاهي ڇو ته اسان وٽ مُخالف ڌُر کان پُڇاڻو ئي ناهي ٿيندو.
ٽيون سبب: مولانا صاحب کي زرداري خاص طور تي پنهنجي دوست نواز شريف کان ان ڳالهه جي به شڪايت آهي ته هنن جيئن عام چونڊن ۾ طاقتور ڌُرين جي آشيرواد سان پنهنجون هارايل سيٽون کٽرايون، تيئن هُنن مولانا کي جعلي ۽ هارايل ته ٺهيو پر کٽيل سيٽن تي به نتيجا حق ۾ نه وٺرائي ڏنا جيتوڻيڪ جو عمران خان کي رستي تان هٽائڻ هُجي يا وري اتحادين کي پرچائڻ هُجي مولانا هميشه هُنن جي ڪَم آيو آهي.
هاڻي پاڻ مولانا صاحب جي عمران خان سان سياسي ڪَشيدگي گهٽائڻ واري مَفاهمتي حڪمت عملي تي ڳالهايون ٿا. آخر اهڙو ڇا ٿيو جو ڪالهه جنهن عمران خان کي ووٽ ڏيڻ حرام هو، جنهن جو جهنڊو لڳائڻ يهوديت جي نشاني هُئي ۽ اُن جي حمايت ڪرڻ فحاشي هُئي. اَڄ اُن ساڳئي عمران سان مولانا صاحب هٿ ملائڻ وڃي رهيو آهي..؟؟ عام چونڊن کان بعد اُهو واضع ٿي ويو آهي ته عمران خان هن وقت ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ مقبول اڳواڻ آهي ۽ هُن جي جماعت ملڪ جي هڪ وڏي سياسي جماعت پڻ بڻجي چُڪي آهي، جنهن کي شايد ختم ڪرڻ هاڻي ناممڪن بڻجي ويو آهي. اُن لاءِ سڀئي جماعتون ان ڪوشش ۾ آهن ته عمران خان سان ٺاهي رکجي ڇاڪاڻه هو چاهيندي نه چاهيندي به زرداري ۽ نواز جي مقابلي ۾ طاقتور ڌُرين جو ”فيوريٽ“ آهي تنهنڪري ڪهڙي مهل به هُن جو وارو اچي سگهي ٿو. مولانا صاحب به هاڻي عشق جي ان انداز کي سمجهي ويو آهي ته مذهب ڪارڊ، الزام تراشي ۽ سياسي اختلافن باوجود به عمران خان هُن جي مقابلي ۾ پنهنجو پان کي ڪي پي ڪي ۾ وڌيڪ مظبوط ۽ مُنظم ڪري چڪو آهي ۽ مولانا ن رُڳو پنهنجي سياسي ڳڙهه خيبرپختونخواهه ۾ پر پنهجي گهر واري سيٽ به عمران خان جي اُميدوار هٿان ٻيون ڀيرو مُسلسل هارائي رهيو آهي اُن لاءِ هو هاڻي پنهنجي آئنده جي سياسي حڪمت عمليءَ مُطابق عمران خان ۽ اُن جي جماعت سان اتحادي ٿي هلڻ لاءِ هٿ اڳتي وڌائيندي نظر اَچي رهيو آهي.
اها آهي مولانا صاحب جي نئين سياسي حڪمت عملي ۽ اُن جا سبب، اها سياسي حڪمت عملي مولانا ۽ اُن جي جماعت لا۽ ڪيتري قدر لاڀائتي ثابت ٿي سگهي ٿي اُهو ته ايندڙ وقت ٻُڌائيندو پر پاڻ ايترو ِضرور چئي سگهي ٿا ته مولانا صاحب جي عمران خان سان گڏجي هلڻ واري مَفاهمتي پاليسيءَ جي آجيان ڪجي ٿي ڇو ته الزام تراشي ۽ گارگند واري سياست مُلڪ کي نه رُڳو اخلاقي ۽ سياسي اعتبار سان پر مُعاشرتي اعتبار سان به تقسيم ڪري ڇڏيو آهي. اُن لاءِ مولانا جي جماعت سميت سڀئي جماعتون ۽ اُنهن جا اڳواڻ پنهنجو پاڻ کي ٻين سياسي جماعتن يا اڳواڻن تي الزام تراشي ۽ گارگند بدران پنهنجي منشور ۽ ڪارڪردگيءَ جي بُنياد تي عوام آڏو پيش ڪن. باقي رهي ڳالهه مولانا صاحب جي مُخالف ڌُر ۾ رهي ڪري ڪردار ادا ڪرڻ جي ته اُهو فيصلو ٿي سگهي ٿو ته هُن جي جماعت لاءِ بهتر ثابت نه ٿي ڇاڪاڻ مذهبي جماعتن جي اڳتي اچڻ تي هڪ ته عالمي دنيا به خوش نه ٿي ٿئي انهن جو دٻاءُ به هجي ٿو. ٻيو ته طاقتور ڌريون به انهن کي پنهنجي استعمال کانسواءِ اڳتي اچڻ ڪو نه ٿيون ڏين. حڪومت ۾ هجڻ سان گهٽ ۾ گهٽ هُنن کي ڪٽڻ طاقتور ڌُرين لاءِ مشڪل ٿي وڃي ٿو باقي مُخالف ڌر ۾رهندڙ جماعتن کي ميسارڻ اُهو ڪري ٿا ڄاڻن. اُن لاءِ مولانا ۽ ان جي جماعت کي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ گهرجي پوءِ ڀلي هو جائز عوامي مسئلن تي مُخالف ڌر وارو ڪرادر ادا ڪري پنهنجو سياسي قلعو مضبوط ڪن. بهر حال، مولانا صاحب کي اُهو فيصلو وٺڻ کان پهريون پوئين پنجن سالن ۾ جماعت اسلاميءَ جي مُخالف ڌُر ۾ ويهي ڪردار ادا ڪرڻ واري حڪمت عملي جو جائزو ضرور وٺڻ گهرجي، جنهن حڪمت عمليءَ جي ڪري جماعت اسلامي کي هنن عام چونڊن ۾ بلڪل “وائيٽ واش” ڪَيو ويو آهي.