سوئي سدرن رمضان ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري: حافظ نعيم الرحمان

ڪراچي(رپورٽر)امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان ڀلاري مهيني رمضان ۾ شهر جي مختلف علائقن ۾ گئس بند ۽ پريشر ۾ گهٽتائي ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم مزمت ڪندي  چيو آهي ته سوئي سدرن گئس ڪپمني پنهنجي اعلان ڪيل شيڊول باوجود روزي رکڻ ۽ کولڻ جي وقتن ۾ شهرين کي گئس فراهم ڪر ڻ  ۾ ناڪام  ٿي وئي آهي،  جنهن  سبب عوام سخت پريشاني ۾ مبتلا آهي،  ماڻهو هوٽلن تي وڃڻ تي مجبور آهن.  وڌندڙ مهانگائي ۾ عوام لاءِ سحري ۽ افطاري جو انتظام به ڏکيو ٿي ويو، حڪومت ۽ سوئي گئس سدرن ڪمپني هوش ڪري ۽ بنا دير هن مسئلي کي حل ڪيو وڃي، ڀلاري مهيني رمضان ۾ گئس جي لوڊشِنگ ختم ڪئي وڃي، .

  • ٺهراءُ منظور ٿيڻ بعد مردان ۾ ڪي ايف سي جي فرنچائز بند

مردان (م ڊ) مردان ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪي ايف سي جي شين خلاف گڏيل طور تي ٺهراءُ منظور ڪندي ڪي ايف سي جي فرنچائز بند ڪرائي ڇڏي، مردان ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ ڪي ايف سي جي شين خلاف ٺهراءُ منظور ٿيڻ کان پوءِ مردان ۾ قائم ڪي ايف سي جي فرنچائز کي بند ڪيو ويو آهي، ڪي ايف سي کي ميئر  مردان حمايت الله مايار تالو لڳايو، عوامي نيشنل پارٽي جي ڪارڪنن ڪي ايف سي مرڪز جي آڏو احتجاجي مظاهرو به ڪيو، ميئر حمايت الله مايار ۽ ڪارڪنن ڪي ايف سي ۽ اسرائيل جي خلاف نعريبازي به ڪئي.

  • آءِ جي جيل سنڌ سيد منور علي شاهه بدلي، نظير احمد نئون آءِ جي جيل مقرر

ڪراچي (رپورٽر ) چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاھ پاران نوٽيفيڪيشن جاري ڪندي  آءِ جي جيل کاتو سنڌ سيد منور علي شاھ کي بدلي ڪري گهرو کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سندس جاءِ تي قاضي نظير احمد کي آءِ جي جيل خانا سنڌ مقرر ڪيو ويو  آهي

.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.