اسلام آباد جي ڪامورن کي طاقت پاڻ وٽ رکڻ جو شوق آهي:نصير ميمڻ

اسلام آباد(م ڊ) ناليواري ليکڪ نصير ميمڻ چيو آهي ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم لاءِ آرٽيڪل 154 کي باءِ پاس ڪيو ويو، اهو آئٽم وفاقي ڪابينا جي دائره اختيار ۾ نه هو، مرڪز ۾ اسان جي ڪامورن کي شوق آهي ته  طاقت انهن وٽ  رهي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ارڙهين ترميم کان پوءِ 17 کاتا اڃا به وفاق وٽ پيل آهن، هن وقت پاڻي جي وسيلن جو مسئلو آهي، ٻوڏ کان سواءِ پنجاب ۽ سنڌ ۾ سدائين تڪرار رهندو آهي،آبادي وڌي رهي آهي، وڌيڪ زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي جي ضرورت پوي ٿي، هن چيو ته پنجاب چولستان ۾ 20 لک ايڪڙن تي پاڻي لاءِ ارسا کان اين او سي ورتي وئي، سنڌ ان تي احتجاج ڪيو،پاڻي 91ع تحت الاٽ ڪيل آهي، ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ به پاڻي گهرجي،پاڻي کي پنهنجي مرضي سان ڏيڻ لاءِ اسلام آباد ۾ فيصلا رکڻ سان  صوبن ۾ تڪرار اڃا وڌندو، امڪان آهي ته ارسا ايڪٽ وڌيڪ عرصو نه هلي سگهندو،صدر مملڪت ڪنهن به مهل ان آرڊيننس کي واپس وٺي سگهي ٿو، 40 سيڪڙو پاڻي ضايع ٿي وڃي ٿو ان کي بچائڻ لاءِ ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وڃي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.