گهوٽڪي(ڊ ر)گهوٽڪي جي آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد لڍڙ ٻيلو مان ٻه سڳا ڀائر اغوا ٿيڻ جا اطلاع، گهوٽڪي ويجهو آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ ڪاٺيون ڪرڻ لاءِ ويل ٻه سڳا ڀائر ظھور چاچڙ ۽ عجيب چاچڙ کي هٿياربندن پاران ٻيلي مان اغوا ڪري وڃڻ جا علائقي ۾ چوٻول شروع ٿي ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته اغوا ٿيل ٻئي ڀائر ڳوٺ اسمي چاچڙ جا رهواسي هئا جيڪي لڍڙ ٻيلو ۾ ڪاٺيون ڪرڻ لاءِ ويا هئا، هوڏانهن اهي به چوٻول آهن ته ٻنهي نوجوانن جي اغوا جو اطلاع آندل سندراڻي ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو ويو.