ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ غير قانوني اڏاوتن جي ڪيسن ۾ خريدارن جي حقن جي تحفظ ۽ ايف بي ايريا بلاڪ 6 تي غير قانوين aاڏاوتن خلاف درخواست تي ايس بي سي اي، بلڊرز ۽ بين کان رهواسين کي حق جي تحفظ لاءِ تجويزون گهريو ورتيون، جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏنا ته ايس بي سي اي ۽ بلڊر جي ملي ڀڳت سان غير قانوني اڏاوت ڪاروبار بڻجي ويو آهي، پوءِ شڪايت اچي ٿي، عمارتون ٽٽن ٿيون، ٻيهر بلڊرز ۽ ايس بي سي اي جو ڌنڌو شروع ٿي وڃي ٿو، هن سڄي راند ۾ ويچارا خريدار ڦرجي وڃن ٿا، انهن جي آڏو ته چور ڦورو به معصوم لڳن ٿا، هن موبائل فون، ڪار ڦر ڪندڙ ڦورو سڏجي ٿو، پر هي سڄي زندگي جي ڪمائي ڦري وڃن ٿا، ڪم پليشن پلانگ، اپروول يا ڪنهن بهادي ايس بي سي ڀڃڪڙي جو الزام عائد ڪري ڇڏي ٿي، پوءِ اسان جهڙا جج به قانون جي نالي تي هي عمارتون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏين ٿا، عدالتن کي هن ڪاروبار ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو، ايس بي سي اي جي وڪيل موقف ڏنو ته لائسنس يافته بلڊر جي رقم ڊپازٽ ٿئي ٿي، قانوني ڀڃڪڙي جي صورت ۾ ان کي ضبط ڪيو وڃي ٿو، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڪنهن بلڊرز کي بليڪ لسٽ ڪيو؟ عدالت رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ڪري به ڇڏيندا ته رقم وٺي وري وائيٽ ڪري ڇڏيندا، ايس بي سي اي سي 189 ايف بي ايرا بلاڪ 6 ڊاهڻ جي رپروٽ جمع ڪرائي ڇڏي، عدالت ايس بي سي اي، بلڊرز ۽ ٻين کان رهواسين جي حقن جي تحفظ لاءِ تجويزون گهري ورتو.