واپاري کان لکين رپيا ڦرڻ جو الزام: ايس ايڇ او ۽ اهلڪارن خلاف ڪيس داخل

ڪراچي (رپورٽر) واپاري کان مبينا طور تي هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ روڪ رقم کسڻ ۽ بيگناهه قيد رکڻ تي زمان ٽائون جي اسٽيشن  هائوس آفيسر، ايس ايڇ او رائو رفيق ۽ ٻين پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري هنن کي گرفتار ڪيو ويو، سچل پوليس جي ايس ايڇ او غلام حسين ڪورائي ٻڌايو ته ايس ايڇ او رفيق کي ٽن کان چار ٻين پوليس اهلڪارن سان گڏ حراست ۾ ورتو ويو آهي، هنن کي باضابطه طور تي گرفتار ناهي ڪيو ويو پر هنن کي جاچ جو حصو بڻايو ويو آهي، هن ٻڌايو ته اڻڄاتل پوليس اهلڪارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي پر شروعاتي جاچ دوران اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ايس ايڇ او ۽ ٻين پوليس اهلڪارن جي لاپرواهي آهي، ان جي ڪري هنن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، شڪايت ڪندڙ محمد خان ايف آءِ آر ۾ موقف ڏنو ته هن جو ذاتي ڪاروبار آهي، پنهنجي ڪاروباري حصيدار فيصل ۽ ٻين سان گڏ الڳ الڳ ڪارن ۾ سفر ڪري رهيا هئا، جن ٽن بيگز ۾ هڪ ڪروڙ 18 لک رپيا روڪ رقم موجود هئي، سپر هاءِ وي لياري ايڪسپريس وي طرف نيول ڪالوني ۾ گهر وڃي رهيا هئاسين ته 11 مارچ تي صبح جو تقريبن 4 لڳي 20 منٽن تي هڪ پوليس موبائيل ۽ سلور ڪار سان گڏ بيٺل يونيفارم ۾ ملبوس اٺ کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن ۽ هڪ بغير وردي اهلڪار لياري ايڪسپريس وي ٽول پلازه جنڪشن جي ويجهو روڪيو، تلاشي جي بهاني اسان کان سمورا پئسا ڦريا ويا، هن ٻڌايو ته هو اسان کي مختلف هنڌن تي گهمائيندا رهيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.