جيڪب آباد (عوامي آواز نيوز) گٽر نالي ۾ ڪرڻ سبب فوت ٿيل ٻارڙي جي معاملي جو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نوٽيس ورتو، جيڪب آباد ۾ گندي گٽر ۾ ڪرڻ سبب ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جي معاملي جو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پاڻمرادو نوٽيس ورتو، عدالت ميونسپل چيئرمين، ايڊمنسٽريٽر، چيف ميونسپل آفيسر ۽ ٻين عملدارن کي 18 مارچ تي طلب ڪري ورتو، ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته ٻارڙو نالي ۾ ڪري فوت ٿي ويو، ايمبولينس به فراهم نه ڪئي وئي، ذميوار ذاتي طور تي پيش ٿي رپورٽ ڏين، عدالت صحت کاتي کان ٻار جي پوسٽ مارٽم رپورٽ به طلب ڪري ورتي، گذريل ڏينهن جيڪب آباد ۾ 6 ورهين جو فرحان علي نالي ۾ ڪري فوت ٿي ويو هو.