اسلام آباد (م ڊ ) آءِ ايم ايف ريئل اسٽيٽ سيڪٽر، مينيو فيڪچر شعبي ۽ دڪاندارن تي ٽيڪس قدمن جو مطالبو ڪري ڇڏيو، عالمي مالياتي اداري پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته اهو وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ مالي وسيلن جي ورڇ ۾ جاري عدم توازن ختم ڪرڻ لاءِ قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي ايوارڊ) تي نظرثاني ڪري، صنعتي ادارن لاءِ ٽيڪس مراعتون، ايف بي آر ۽ ڪابينا جا صوابديدي اختيار به ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو،ايف بي آر کي خيراتي ادارن کي موجوده ٽيڪس مراعتن تي ٻيهر جائزو وٺڻ جي هدايت به ڪئي وئي ذريعن مطابق آئي ايم ايف وفد فرٽلائزر پلانٽس کي سستي گئس فراهم ڪرڻ تي ڳڻي ظاهر ڪئي آهي ۽ فرٽيلائيزر پلانٽ کي سستي گئس جي فراهمي جلد ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته وفد عالمي مارڪيٽ ۾ ڪميوڊيٽي پرائيس مستحڪم ۽ پاڪستان ۾ اگهه وڌڻ تي به ڳڻي ظاهر ڪئي آهي، آءِ ايم ايف وفد وزير توانائي، ايف بي آر ۽ بي آئي ايس پي عملدارن سان ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ توانائي وزارت عملدارن گردشي قرض، ٽيرف آئوٽ لڪ ۽ ڪاسٽ سائيڊ ريفارمز تي بريفنگ ڏني، جڏهن ته ايف بي عملدارن ٽيڪس ايڊمنسٽريشن ۽ تيڪس پاليسي، بي آئي ايس پي ۾ رجسٽرڊ ماڻهن، آئوٽ لڪ ۽ ڊولپمينٽ، ريئل اسٽريٽ سيڪٽر ۽ ٽيڪسيشن ۽ رٽيلرز لاءِ ٽيڪس مڪينزم تي بريفنگ ڏني ، ذريعن موجب آءِ ايم ايف وفد ريئل اسٽيٽ سيڪٽر، مينيو فيڪچرر شعبي ۽ رٽيلرز تي ٽيڪس جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته ريئل اسٽيٽ سيڪٽر کي به دستاويز ٺاهي ٽيڪس سسٽم ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ آئي ايم ايف وفد جي اسٽيٽ بينڪ جي عملدارن سان به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي،جڏهن ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان کان نئين پروگرام لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.آءِ ايم ايف مشن ۽ پاڪستان جي اقتصادي ٽيم وچ ۾ ڳالهين جي پهرين ڏينهن جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.ذريعن موجب آءِ ايم ايف عملدارن سان ڳالهين ۾ ناڻي واري وزارت، توانائي واري وزارت ۽ ايف بي آر جي عملدارن شرڪت ڪئي، توانائي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ آءِ ايم ايف عملدارن کي بريفنگ ڏني.حڪومت آءِ ايم ايف کي بجلي ۽ گيس جو گردشي قرض منجمد ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي.آءِ ايم ايف بجلي ۽ گيس چوري جي خاتمي لاءِ ٺوس قدمن تي زور ڏنو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف حڪومتي ڊسڪوز جو انتظام خانگي شعبي حوالي ڪرڻ لاءِ ٽائم فريم طلب ڪري ورتو آهي. آءِ ايم ايف وڌيڪ نقصان وارن علائقن ۾ بجلي جا بل آئوٽ سورس ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آهي ته سرڪاري شعبي ۾ 4 وڏا پلانٽ مڪمل صلاحيت سان هلن. آءِ ايم ايف ايف بي آر ۾ ڊجيٽلائيزيشن کي جلد مڪمل ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو آهي.ايف بي آر ذريعن موجب ڳالهين ۾ ٽيڪس وصولي وڌائڻ لاءِ عملي بدران ٽيڪنالاجي جو استعمال وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.آفيسرن آءِ ايم ايف کي هلندڙ مالي سال لاءِ ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي. جڏهن ته ناڻي ۽ روينيو واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايف ايف) جي مشن کي ڀليڪار ڪندي ملڪ جي معاشي ترقي ۽ استحڪام لاءِ سڌارن واري ايجنڊا تي آءِ ايم ايف سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي حڪومت جي عزم کي ورجايو آهي.آءِ ايم ايف مشن جي سربراهه ناٿن پورٽر محمد اورنگزيب کي ناڻي واري وزير طور مقرري تي مبارڪباد ڏني.ملاقات دوران چيئرمين ايف بي آر هلندڙ مالي سال لاءِ ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پلان ڏنو ۽ وفد کي يقين ڏياريو ته نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ کانسواءِ هلندڙ مالي سال جو هدف حاصل ڪيو ويندو.آءِ ايم ايف جي وفد معاشي استحڪام لاءِ حڪومتي قدمن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان کي معاشي استحڪام لاءِ سخت اقتصادي پاليسيون اختيار ڪرڻيون پونديون۽ چيو ته پاڪستان کي وڌيڪ پئسو کپي ته قدم به وڌيڪ کڻڻا پوندا،ياد رهي ته پاڪستان آخري قسط لاءِ اسٽينڊ بائي انتظام تحت ڳالهين کان اڳ آءِ ايم ايف جا سمورا هدف پورا ڪري ڇڏيا آهن. اسٽاف سطح تي معاهدي جي صورت ۾ هڪ ارب 100 ملين ڊالر جي پهرين قسط آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي منظوري سان جاري ڪئي ويندي.