ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ کي اٺين ورسي تي ڀيٽا پيش

وارھ(منظور قريشي)وطن دوست  پارٽي جي باني ۽ ترقي پسند دانشور ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ جي 8 ورسي وارھ ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ طرفان  ملهائي وئي جنهن ۾ سندس سندس وني گلفام کهاوڙ، سندس فرزند مبارڪ سميت سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين شرڪت ڪئي .ان موقعي تي خطاب ڪندي گلفام کهاوڙ، سينئر سياسي اڳواڻ ڊاڪٽر حبيب الله، غلام مرتضيٰ شر، اڳوڻي تعلقي ناظم منظور مارفاڻي، غلام مصطفيٰ کاهوڙي،  صحافي محرم چانڊيو، نظير ڇٽو، سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي ترجمان نجيب چانڊيو، جسم اڳواڻ غفار ميرجت، شاعر عرفان منان، ساحل سڪندر ۽ ٻين پاران کيس ڀيٽا ڏني وئي تقريب کي خطاب ڪندي مقررين چيو ته ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ پنهنجي جوهر ۾ مڪمل تنظيم هيو جنهن وڏي سمجهھ، برداشت ۽ انقلابي عمل ذريعي جدوجهد ڪئي

 

هنن چيو ته ڊاڪٽر ارباب جي سياسي جدوجهد جا محور مزدور، هاري ۽ شاگرد هئا جن جون هن زبردست يونينيون قائم ڪيون وٽس تنظيم ڪاريءَ جو غير معمولي فن هو،هن پنهنجي آدرشي سبب  ايم ايس جي عهدي کي لت هڻي ڇڏي کيس ڪڏھن به وساري نٿو سگهجي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.