اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن پاڪستان ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور خلاف اثاثا لڪائڻ جي الزامن تي نااهلي جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي هُن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن ۾ محمد ڪفيل نالي شخص درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ علي امين گنڊاپور مٿان اثثا لڪائڻ جو الزام لڳايو ويوهو، ڪي پي ڪي جي وڏي وير جي نااهلي جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن فيصلو جاري ڪري ڇڏيو ۽ درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي جي لاءِ 26 مارچ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي، فيصلي ۾ ٻڌايو ويو ته ڪميشن کي ٻڌايو ويو ته ڊيره اسماعيل خان ۾ 735 ڪنال ايراضي علي امين گنڊاپور جي نالي تي عارضي طور تي ٽرانسفر ڪئي وئي، جڏهن ته زمين جو اصل مالڪ آصف خان هو، لکت ۾ جاري فيصلي ۾ چيو ويو ته علي امين گنڊاپور جي 2020 جي اثاثن جي تفصيلن موجب هن لينڊ ڪروزر گاڏي اها زمين وڪرو ڪري حاصل ڪئي هئي. فيصلي ۾ چيو ويو ته غلط بيان تي علي امين گنڊاپور سيٽ جي لاءِ اهل ناهي.
-
علي امين خلاف داخل ڪيس جي مون کي اڳ خبر هئي:شير افضل
ڪراچي (م ڊ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شير افضل مروت چيو آهي ته علي امين گنڊاپور خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ داخل ڪيس جي مون کي 12 ڏينهن اڳ ئي خبر هئي، جمعيت علماءِ اسلام اڳواڻ ڪفيل احمد طرفان هي پٽيشن داخل ڪرائي وئي، هن ٻڌايو ته 12 ڏينهن اڳ مون کي ان باري ۾ اهڙي طرح خبر پئي ته اسان جو هڪ ايم پي اي آهي آصف خان جيڪو سينيئر دوست آهي محمد خان جو پٽ آهي، پڙهيل لکيل نوجوان آهي، آصف خان کي خبر پئي ته ڪجهه ماڻهو هُن جي ڳولا ۾ آهن ۽ شايد هُن کي اغوا ڪيو ويندو ۽ هن کي ان ئي زمين جي حوالي سان جنهن ۾ علي امين گنڊاپور جي نااهلي گهري وئي آهي هن کان زبردستي بيان ڏياري علي امين گنڊاپور خلاف بطور شاهد طور آندو ويندو، هن ٻڌايو ته مان ٻئي ڏينهن علي امين گنڊاپور وٽ ويس ۽ هُن انهي باري ۾ ٻڌايو، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ ته اسان جي خلاف هر ڪيس سنگين آهي، چاهي اهو ڪيس هجي يا نه هجي، مولانا فضل الرحمان پهريون بيان ڏنو ته اسان کي لڳو ته هو سنجيده آهي، پر بعد ۾ محمود خان اچڪزئي کي ووٽ نه ڏنو ته اسان سمجهي وياسين ته هو پنهنجي ويليو وڌائي رهيو آهي.