ڪراچي پوليس جي ڪارروائي، ڦرن ۽ ڌاڙن ۾ ملوث افغان گروپ جا 3 ڏوهاري گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي شهر ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي 50 کان وڌيڪ چوري ۽ اسٽريٽ ڪرائم جون وارداتون ڪندڙ افغان ڦورو گروهه  کي گرفتار ڪيو ويو آھي. ان حوالي سان ايس پي جمشيد ڪوارٽر علينا راجپر صحافين کي ٻڌايو ته جمشيد ڪوارٽر پوليس لسبيلا پٽيل پاڙي ۾ ڪارروائي ڪندي افغان ڦورو گروپ جي ٽن ڏوھارين سيلاب خان، جان عزيز ۽ آدم گل کي گرفتار ڪري ورتو آھي. هن چيو ته گرفتار جوابدار ڪراچي مان هٿ آيل موبائل فون، ليپ ٽاپ ۽ ٻيو سامان افغانستان اسمگل ڪندا هئا. جوابدارن جي قبضي مان هٿيار، ڦر ٿيل ليپ ٽاپ ۽ موبائل فون هٿ ڪيا ويا آهن. ھن ٻڌايو تھ جاچ دوران انڪشاف ٿيو آھي ته انھيءَ ڦر ڪندڙ گروپ ۾ 10 ڏوھاري شامل آهن، انھن گذريل ڏينهن ڪراچي جي علائقي صدر ۾ ڦر جي واردات ڪئي، جنهن جي سي سي ٽي وي فوٽيج منظر عام تي اچڻ بعد پوليس پاران ٽيمون جوڙيون ويون، انھن ٽيمن پاران جوابدارن کي ٽيڪنيڪل بنيادن تي گرفتار ڪيو ويو. ايس پي جمشيد علينا راڄپر جو چوڻ هو ته شهر ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغان شهرين خلاف ڪريڪ ڊائون جاري رهندو، جڏهن ته رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ اسٽريٽ ڪرائم هڪ چيلنج آهي، جنهن لاءِ ٽيمون ٺاهيون ويون آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.