شڪارپور ۾ بدامني خلاف جي يو آءِ جي ريلي،ڌرڻو

شڪارپور(رپورٽ: ذوالفقار مگسي) جي يو آءِ ضلع شڪارپور جي طرفان ضلعي جنرل سيڪريٽري مولانا عبدﷲ مھر، مولانا عبدالباري شيخ،  قاري مجيب الرحمٰن مدني، مولانا محمد طيب ميکو، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شڪارپور ضلعي ۾ وڌندڙ ڌاڙيل راڄ ۽ بدامني جي ڀڙڪيل باھ خلاف بيگاري پل ميان صاحب کان تاج سي اين جي باءِ پاس موڙ کان ٿيندي رستم موڙ کان لکي در تائين ھڪ زبردست احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا لکيدر چوڪ شڪارپور تي مظاهري جي شڪل اختيار ڪري ورتي،مظاھرين کي خطاب ڪندي اڳواڻن بدامني جي ڀڙڪيل باھ تي افسوس جو اظھار ڪيو ۽ بدامني جو ذميوار پوليس ۽ چونڊيل نمائندن کي قرار ڏيندي چيو آھي ته پ پ سنڌ ۾ رھندڙ ماڻھن کي ڏوھارين حوالي ڪري ڇڏيو آھي،ڪنهن به ٻھراڙي توڙي شھري ماڻهن جي جان، مال، عزت آبرو محفوظ ناهي رھيو، عام ماڻھو گھر کان نڪري ٿو ته اغوا ٿي وڃي ٿو يا مارجي وڃي ٿو پ پ سرڪار عام ماڻھن کي وحشي شڪارين حوالي ڪري ڇڏيو آھي،ھن چيو ته سنڌ ۾ پ پ سرڪار جي گزريل 16 سالن جي حڪومت ۾ ڪيترائي بيگناھ ماڻھون قتل ڪيا ويا آھن،ڪوڙي پوليس آپريشنز ذريعي اربين رپيا بجيٽ ھڙپ ڪئي وئي آھي پر عوام کي ڦر ڌاڙن ۽ اغوائن جا تحفا ڏنا ويا آھن،مولانا عبدﷲ مھر جو چوڻ ھو ته ويڊيوز وائرل ٿيڻ باوجود شڪارپور جي رھواسي پورھيت عبدالرافع سميجو جي بازيابي لاءِ پ پ اميدوارن توڙي پوليس تماشائي وارو ڪردار ادا ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ھٿياربندن بي درديءَ سان تشدد ڪري غريب پورھيت کي قتل ڪري ڇڏيو، اڃان به ھن وقت 9 ماڻهون ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آھن جن جي بازيابي لاءِ پوليس ڪو به ھن مھل تائين قدم ناهي کنيو، ڇا پوليس انهن جي قتل ٿيڻ جو انتظار ڪري رهي آهي، اھڙي بدامني جي ڪري خانپور، شڪارپور سميت ضلعي جا ڪيترائي شھر ويراني جو ڏيک ڏئي رهيا آهن جنهن تي جيترو افسوس ڪجي سو گهٽ آهي، ،ھن چيو ته سنڌ سرڪار کي ڪھڙي مجبوري آھي جو وفاقي سرڪار ۽ پاڪ فوج جي ڪچي ۾ ڏوھارين خلاف آپريشن جي آڇ باوجود ھنن کان مدد نه وٺي رھي آھي صاف ظاھر آھي پ پ سنڌ پوليس ذريعي آپريشن جي نالي ته 16 سالن کان وٺي کربين رپيا خرچ ڪرڻ باجود عام ماڻھو کي تحفظ ڇو نه ڏيئي سگھي آھي،پ پ اڳواڻن کي عوامي تحفظ لاء رکيل بجيٽ ھڙپ ڪرڻ بدران ٻيو ڪو روزگار ڳولھڻ گھرجي،ان موقعي تي مولانا خاوند بخش بکراڻي، مولانا غلام ﷲ مھر، مولانا مشتاق احمد سھندڙو، حافظ محمد منيب سومرو،حاجي عبدالفتاح مھر، مولانا سراج احمد ڪاڪيپوٽو،حافظ ارسلاح سومرو، مولانا منير احمد سيٺار ۽ ٻين خطاب ڪيو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.