15 رمضان تائين تجربي جي ناڪامي ثابت ٿي ويندي: فيصل واوڊا

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ سينيٽر فيصل واوڊا جو چوڻ آهي ته 15 رمضان تائين ثابت ٿي ويندو ته تجربو ناڪام ٿي ويو آهي. عهدن جي ونڊ ورڇ ڪئي وئي آهي، جمهوريت جي تسلسل تي توهان سڀني کي مبارڪون هجن پر ڇا ان ونڊ ورڇ سان عوام جا مسئلا حل ٿي ويندا،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اسان ان انداز جي جمهوريت کي رد ڪري چڪا آهيون ،پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي اپيل آهي ته ملڪ جا مسئلا پيدا نه ڪري، مولاجٽ ٿيڻ  بدران ملڪ جي ڀلائي جو سوچيو.هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن 9 مئي سان لاڳاپيل آئيني ترميم جي ضرورت آهي ته ان ۾ ترميم ٿيڻ گهرجي، ن ليگ لاءِ هي آخري اقتدار آهي، هن  اها به دعويٰ ڪئي ته عمران خان جي آس پاس جا ماڻهو ٽرپل ايجنٽ طور ڪم ڪري رهيا آهن ۽ هر هنڌ سندن رابطا آهن، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت ڪيئن به آئي، هاڻي حڪومت قائم ٿي چڪي آهي، پر هي ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ اهو آخري اقتدار آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهي حڪومتون ڊيليور نه ڪري سگهنديون، فيصل واوڊا چيو ته سياست بي شرمي ۽ بي حيائي جو ڪم بڻجي وئي آهي، 15 رمضان المبارڪ تائين شين جون قيمتون ٻيڻيون ٿي وينديون، هن جمهوريت جي مرچن سان عوام جون دانهون نڪرنديون، هاڻي سڀ ماڻهو هن جمهوريت جو مزو وٺندا.هن چيو ته آصف زرداري آئن اسٽائن جو نالو سوچي سمجهي ورتو، آئن اسٽائن تجربيڪار هو، 15 رمضان تائين ثابت ٿي ويندو ته آئن اسٽائن جو تجربو ناڪام ٿيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.