اسلام آباد( م ڊ) پي ٽي آءِ پاران اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف قومي اسيمبلي ۾ احتجاج جو فيصلو ڪيو ويو آهي، 8 فيبروري تي ٿيل چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف احتجاج ڪندڙ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي ۾ احتجاج جو فيصلو ڪيو آهي، پي ٽي آءِ جي سينئير اڳواڻ سردار لطيف کوسو چيو آهي ته عيد کانپوءِ حڪومت خلاف ڀرپور تحريڪ هلايو ويندو، جي يو آءِ ، جماعت اسلامي ۽ جي ڊي اي به حڪومت خلاف روڊن تي نڪرنديون، هن چيو ته گرفتارين خلاف اسيمبلي ميمبر پنهنجي گرفتارين خلاف استحقاق جي رٿ به جمع ڪرائيندا، هن چيو ته قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ به گرفتارين واري معاملي کي اٿاريو ويندو، هن چيو ته آءِ جي پنجاب ۽ ٻين عملدارن خلاف به استحقاق جي رٿ آڻينداسين، لطيف کوسو وڌيڪ چيو آهي ته پنجاب ۾ حڪومت ڪنهن جي آهي، صرف پوليس پي ٽي آءِ ڪارڪنن خلاف ڪارروائي ڇو ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسلام آباد، ڪي پي ڪي، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پوليس جي اهڙي چڙهائي اسان ناهي ڏٺي.