نئون ديرو (عوامي آواز نيوز) نئين ديري ڀرسان ڇهن ڏينهن کان گم ڳوٺاڻي جو دادو ڪئنال مان تشدد ٿيل لاش هٿ آيو، نئون ديرو ڀرسان ڇهن ڏينهن کان گم ڳوٺاڻي جو دادو ڪئنال مان تشدد ٿيل لاش هٿ ڪيو ويو، پوليس پهچي ڳوٺ مٺو کهڙو واسي نسيم کهڙو جو لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، ياد رهي ته نئين ديري ڀرسان پراڻي تڪرار تان ٻن نارين ڪرن کوکر ۽ نسيم کوکر کي قتل ڪيو ويو هو، جنهن جو الزام برادري جي نوجوان تي هنيو ويو، الزام هيٺ آيل نوجوان ڪاشف کوکر وڊيو بيان ۾ چيو هو ته نارين کي موبائيل فون تي ڳالهائڻ تان قتل ڪيو ويو آهي، هن چيو هو ته ڳوٺاڻي نسيم کهڙو کي به قتل ڪيو ويو آهي جنهن به قتل ڪيو ويو آهي، اڄ نسيم کهڙو جو دادو ڪئنال مان تشدد ٿيل لاش مليو آهي.