پشاور( م ڊ) ملڪ ۾ رمضان المبارڪ 1445 هجري جو چنڊ نظر اچي ويو آهي، اڄ اڱاري تي پهريون روزو آهي، پشاور ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ ٿيو، رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ زونل ڪميٽي جا اجلاس به ٿيا، مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو ته ملڪ ۾ چنڊ نظر اچڻ جون شاهديون مليون آهن، جنهن کانپوءِ اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويو ته اڄ پهرين رمضان المبارڪ بروز اڱاري تي آهي.