پشاور (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ) چونڊ نتيجن خلاف احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب جمعيت علماءِ اسلام(ف) عيد کان پوءِ وڏي احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ ان سلسلي ۾ مرڪزي قيادت سڄي ملڪ جي ضلعي قيادت کي هدايتون جاري ڪندي احتجاجي جلسن ۽ مظاهرن جي شيڊول لاءِ تجويزون طلب ڪري ورتيون آهن. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جي يو آءِ(ف) طرفان حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ عيد کان فورن بعد وڏي پيماني تي چئني صوبن ۾ احتجاج ڪيو ويندو. ياد رهي ته مولانا فضل الرحمان عام چونڊن ۾ مبينه ڌانڌلي تي نتيجن کي رد ۽ اپوزيشن ۾ ويهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جو موقف آهي ته اسان جي مجلس عامله چونڊ نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هاڻوڪي چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلي 2018 جو به رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن جي شفاف چونڊن واري بيان کي رد ڪريون ٿا.
-
شهباز، فضل الرحمان کي سنڀالي نه سگهيو ته حڪومت نه هلي:فواد چوڌري سگهندي
اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته جيڪڏهن شهباز شريف مولانا فضل الرحمان کي نه سنڀالي سگهيو ته حڪومت نه هلندي. احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اسان به فارم 47 جا ايم اين اي ٿي سگهون ها پر اسان جو پنهنجو طريقو آهي، جنهن جي سزا ملي رهي آهي. فواد چوڌري چيو ته جيڪڏهن سمورا ڪيس ختم ٿي ويا ته 9 مئي جي واقعن تي به ڪيس هلندا. فواد چوڌري چيو ته جيڪڏهن شهباز شريف فضل الرحمان کي سنڀالي نه سگهيو ته حڪومت نه هلي سگهندي. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن فضل الرحمان لانگ مارچ جو اعلان ڪيو ته حڪومت اڳتي نه وڌي سگهندي.
-
اين اي 238 ۾ ڌانڌلي خلاف حليم عادل جي سيشن ڪورٽ ۾ درخواست
ڪراچي(رپورٽر)پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ اين اي 238 ۾ جعلسازي، ڌنڌلي جي خلاف رٽرننگ، ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر ۽ ٻين جي خلاف سيشن ڪورٽ ڊسٽرڪٽ ايسٽ ڪراچي وٽ ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي،درخواست ۾ موقف ڏنو ويو آهي ته 8 فيبروري تي اليڪشن ۾ جيل مان حصو ورتو هو، فارم 45 مطابق مان 82972 ووٽ کنيا هئا، جڏهن ته ايم ڪيو ايم صادق افتخار 10226 ووٽ کنيا هئا، رٽرننگ آفيسر جعلي فارم 47 تيار ڪري ايم ڪيو ايم جي اميدوار کي ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو، 5 مارچ تي اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي فارم 45 جاري ڪيا ويا هئا، اليڪشن ڪميشن پاران جاري فارم 45 ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته منهنجا ووٽ پين سان ڪٽيا ويا آهن ۽ وائيٽو استعمال ڪيو ويو آهي، حليم عادل شيخ عدالت کي اپيل ڪئي ته بيان رڪارڊ ڪري آر او ۽ ڊي آر ار جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.