لياري گينگ جي اڳوڻي سربراهه رحمان ڊڪيت جو پٽ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

ڪراچي ( رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو) نبي بخش پوليس آچر ۽ سومر جي وچ ۾ سول ڊفينس ايريا جي جوبلي مارڪيٽ وٽ نبي بخش پوليس مبينا  مقابلي ۾ هٿياربندن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته سندس ساٿي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، مارجي ويل ڊڪيت جو لاش ۽ زخمي کي ايڌي ايمبولينس اسپتال منتقل ڪيو ويو ، ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ 25 ورهين جي ساربان بلوچ پٽ عبدالرحمان بلوچ جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ 28 ورهين جي مقصود شاهه ولد محسن شاهه طور ٿي آهي. مارجي ويل ۽ زخمي ٿيل جوابدارن وٽان 2 پستول، 4 موبائل فون، روڪ رقم ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي.مارجي ويل جوابدار لياري گينگ وار جي اڳوڻي سربراهه عبدالرحمان بلوچ عرف رحمان ڊڪيت جو پٽ هو، مارجي ويل ۽ زخمي ٿيل جوابدارن خلاف پوليس مقابلي، قتل جي ڪوشش ۽ اسلحي ايڪٽ    ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ايس ايس پي سٽي جو چوڻ آهي ته جوابدار ساربان بلوچ گذريل ڏينهن ڪلاڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ 3 ماڻهن کي گوليون هڻي زخمي ڪيو هو واپاري آصف کي گوليون هڻي زخمي ڪيو هو جوابدار گذريل سال افساني گهٽي ۾ 40 سال صابر کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو جوابدار ڀتي وٺڻ لاءِ ماڻهن کي اغوا ڪري انهن مٿان تشدد ڪندا هئا قبرستان ۾ هٿرادو طور ٺاهيل قبر ۾ زندھ دفن ڪرڻ لاءِ خوف پيدا ڪندا هئا ڀتو وصول ڪرڻ لاءِ جوابدار ساربان بلوچ پنهنجي والد عبدالرحمان جي ڊڪيتي واري روش اختيار ڪري هڪ دفعو ٻيهر لياري گينگ وار گروپ کي منظم ڪري رهيو هو جوابدارن معصوم ٻارن کي نازيبا حرڪتون ڪري ان جي وڊيو ٺاهي ان کي بليڪ ميل ڪندا هئا جوابدارن معصوم نينگر عبدالرحمان کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي مٿس تشدد ڪري ان جي لاش کي تيزاب سان ساڙي لاش کي سلاٽر هائوس اڇلايو ويو هو جوابدار قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس کي گهربل هئا جوابدارن جي ٻين ساٿين جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.