ڏوهارين جي سرپرست سردارن ۽ ڪامورن کي گرفتار ڪيو وڃي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ )عوامي تحريڪ  چيو آهي ته  گاجي کهاوڙ ۾ معصوم نياڻي جو ڏاڍائي بعد قتل وارو واقعو انتهائي افسوسناڪ ۽ دردناڪ  آهي. هي واقعو انسانيت کي لڄائيندڙ شرمناڪ سانحو آهي.سنڌ ۾ قبائلي سردارن ۽  جاگيردارن  کي مچائي مواڙ ڪيو ويو آھي. اڳواڻن چيو ته  امن پسند ۽ صوفين جي سرزمين کي بدامني  لاقانونيت جي باھ ۾ اڇلايو ويو آھي. قانون جي حڪمراني بدران عوام کي سردارن ۽ ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي. جيڪي سرعام روڊن ۽ رستن تي گاڏيون بيھاري مسافرن کان ڦُرلٽ ڪرڻ کان پوءِ ماڻھو اغوا ڪن ٿا. ڌاڙيلن خلاف ڪاروائي ڪرڻ بدران انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل آھي. هنن چيو ته دفاع جي نالي ۾ عوام جي پورهئي جي پئسن مان اربين ڊالر دفاعي ادارن کي ڏنا پيا وڃن، ان باوجود روزانو ماڻهو اغوا پيا ٿين، عوام پنهنجي گهرن ۾ به محفوظ ناهي ته پوءِ دفاعي بجيٽ ڪيڏانهن ٿي وڃي. ڏوهارين ۽ انهن جي سرپرست سردارن ۽ ڪامورن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.