مون کي اغوا ناهي ڪيو ويو: انور مقصود جي ترديد

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان جي ليجنڊري اسڪرپٽ رائيٽر، ميزبان ۽ مزاح نگار انور مقصود سوشل ميڊيا تي هلندڙ افواهن جي ترديد ڪري ڇڏي، جنهن دعويٰ ڪئي پئي  وڃي ته کيس چند ڏينهن اڳ نامعلوم ماڻهن اغوا ڪري تشدد ڪيو هو، سوشل ميڊيا پليٽ  فارم انسٽا گرام تي نالي واري گلوڪار بلال مقصود پنهنجي والد  انور مقصود جي وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾  کيس برياني جي ديڳ ۾ چمچو استعمال ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، ان دوران انور مقصود چيو ته جيڪڏهن منهنجا زخم هجن ها يا هڏي ٽٽل هجي  ها ته مان ڪيئن برياني تيار ڪيان ها، رپورٽن تي رد عمل ڏيندي انور مقصود چيو ته مون بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرون بي بنياد آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.