ڪراچي(رپورٽر) عورت مارچ ۽ شهر ۾ ٿيندڙ ايونٽ بابت شڪايتون کڻي وڪيل عورتون سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويون، چيف جسٽس عقيل احمد عباسي جي سربراهي ۾ ٻن ميمبرن واري بينچ وڪيل عورتن جي پيمرا، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ،آرٽ ڪائونسل ۽ ٻين جي خلاف ٻڌڻي ڪئي، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اوهان کي هيءَ درخواست 8 مارچ کان اڳ ڏيڻ گهرجي، درخواست گذار وڪيل موقف ڏنو ته اسان پهريان تڪڙي ٻڌڻي جي اپيل ڪئي هئي، پر اسان جي درخواست نه ٻڌي وئي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته عورت مارچ ۾ ڪهڙو اهڙو غير اخلاقي ڪم ٿي رهيو آهي، جنهن تي اوهان کي اعتراض آهي. درخواست گذار وڪيل ٻڌايو ته عورت مارچ ۾ اسان جي معاشري ۽ اسلامي شرعي معاملن جي خلاف حرڪتون ٿي رهيون آهن، ان ۾ عورت جي آزادي جي نالي تي ڊانس ۽ عريانيت کي هٿي ڏني پئي وڃي، کين هي سڀ ڪرڻ لاءِ آرٽ ڪائونسل ۽ ٻيا ادارا اجازت ڏئي رهيا آهن، عدالت رمارڪس ڏنا ته انهن غير اخلاقي شين سان اسان جي معاشري ۾ خراب اثر پئجي رهيا آهن، آئين ۽ قانون ۾ ان جي ڇا تشريح آهي،اسان جي اسلامي نظام ۾ عورت کي مڪمل آزادي آهي، عدالت ڌرين کي نوٽِيس ڪندي 19 مارچ تائين جواب گهري ورتو.