نئين جمهوري دور جي بحراني شروعات !

تحرير: علي محمد ميمڻ

ملڪ ۾ نئين جمهوري دور جي بحراني حالت ۾ شروعات ٿي ويئي آهي،  وزير اعظم ميان محمد شهباز شريف لڳاتار ٻيو ڀيرو وزرير اعظم چونڊجڻ بعد گذريل ڏينهن آصف علي زرداري پڻ پاڪستان جي جمهوري تاريخ ۾اهو پهريون موقعو هو جو هو  ٻيون ڀيرو وڏي اڪثريت سان ملڪ جو صدر چونڊيو ويو آهي. ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداريء جي صدر مملڪت جي عهدي جي حلف برداري  چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جسٽس فائز عيسي قاضي جي هٿان مڪمل ٿي. ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ يقينن اهي خوشگوار تاريخي واقعا ۽ موقعا هئا.  ايوان صدر ۾ منعقد ٿيل حلف برداري تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، اڳوڻو صدر ڊاڪٽر عارف علوي، مسلم ليگ ن جو قائد ميان نواز شريف، اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق،  پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا، آرمي چيف ۽ نيول چيف ۽ ايئر فورس چيف کان علاوه دنيا جي مختلف ملڪن جي پاڪستان ۾ سفيرن، به تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته صوبائي گورنر ۽ پرڏيهي سفارتڪار ، چئني صوبن جا گورنر ۽ ملڪ ۽ ٻاهرين دنيا جون اهم شخصيتون وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيون. ملڪ جي سياست ۾ يقينن جيڪا اٿل پٿل ٿي رهي آهي ۽ چونڊن ۾ هڪٻئي خلاف مهم هلائيندڙ سخت مخالف ڌرين ۽ هڪٻئي جي ويرين جو وري يڪجا ٿيڻ ۽ اتحادي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِهڪٻئي سان اتحاد ڪرڻ ۽  هڪٻئي سان ساٿ ڏيڻ وارا جيڪي منظر نروار ٿيا آهن انهن کي محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي چواڻي موجب”جمهوريت ئي بهترين انتقام آهي“ واري عمل جو شاهڪار قرار ڏيئي سگهجي ٿو.

ملڪ جي سياسي تاريخ جي گهٽ ۾ گھٽ گذريل ڏهن سالن واري  مدتن جو جيڪڏهن جائزو وٺجي ٿو ته انهي عرصي ۾ ملڪ جي طاقتور ڌرين طرفان ٻن خاص ۽ منظور نظر لاڏلين  جماعتن پاڪستان مسلم ليگ نواز۽ پاڪستان تحريڪ انصاف کي ملڪ جو حڪمران بنائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو ويو. اڳتي هلي لاڏلن وارين انهن خاص حڪومتن جا طاقتور ڌرين سان جهيڙا پڻ ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ اهي ٻئي حڪومتون هڪٻئي پويان  پنهنجو اقتدار وڃائي ويٺيون ۽ انهن ٻنهي حڪومتن جا اڳوڻا وزير اعظم  ميان نواز ّشريف ۽ ڪپتان عمران خان  پنهنجو حڪومتي اثاثو ۽ حڪومتون وڃائڻ بعد گرفتار ڪيا ويا ۽ مختلف ڪيسن ۾ وڏيون ۽ ڳريون سزائون ڀوڳڻ سندن نصيب ٿيو. ميان نواز شريف ٽي سال جيلن ۾ رهڻ بعد معافي تلافي ڪري وڃي لنڊن وسائي ۽ ان بعد وڌيڪ معافيون ملڻ ۽ ڪيس ختم ڪرائڻ بعد  کيس هاڻوڪيون چونڊون وڙهڻ جو موقعو مليو ۽ وڏي مشڪلاتن سان قومي اسيمبلي جي سيٽ کٽي  وري  پارلياماني برادري ۽ حڪومتي راڄ ۾ شامل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيوآهي. جڏهن ته سندس جماعت مسلم ليگ نواز هن وقت  سندس هٿن مان نڪري چڪي آهي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي رڪارڊ موجب هن وقت مسلم ليگ نواز جو مالڪ ميان شهباز شريف آهي جيڪو هڪ ئي وقت ۾ مسلم ليگ نواز جو صدر ۽  وزير اعظم پڻ آهي، ميان شهباز شريف جي مشهوري تمام گهڻي نرم مزاج ۽ خدمتگار طبيعت واري اڳواڻ واري آهي. ميان شهباز شريف جي طبيعت ۽ مزاج جي انهيءَ خاصيت ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي جهڙي ويڙهاڪ ۽ تحريڪي جماعت به ميان نواز شريف بجاء ميان شهباز شريف سان گڏجي هلڻ ۽ اتحاد ۽ اتحادي حڪومتون جوڙڻ ۾ آساني محسوس ڪري ٿي.

ميان نواز شريف جي  حڪومت جي ٽئين دور جي پڄاڻي بعد پنجاب جي اڳوڻي وزير اعلي شهباز شريف کي اڳتي اچڻ جو موقعو مليو ۽ خاص طور پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان ميان نواز شريف جي جاء تي ميان شهباز شريف جي حوصلا افزائي ڪئي ويئي ۽ طاقتور ڌرين طرفان پڻ مسلم ليگ جي قيادت جي تبديلي ۽ ميان شهباز شريف  سان معاملا بهتر نموني هلائڻ ۾ آساني ۽ سندن طبيعتن جي فرق ڪري لڳاتار 2 ڀيرا ميان شهباز شريف کي وزير اعظم ٿيڻ جو موقعو مليو آهي. هن ڀيري ته ميان نواز شريف پاڻ وزير اعظم ٿيڻ لاءِ پوري زورآزمائي ڪري رهيو هو پر سندس جماعت چونڊون هارائي ويئي ۽ پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ طرفان ميان نواز شريف سان اتحاد نه ڪرڻ جي فيصلن بعد پاڪستان پيپلز پارٽي جي ميان شهباز شريف لاءِ اتفاق ڪرڻ تي هو وري ٻيون ڀيرو وزير اعظم ٿيڻ وارو اعزاز حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي ۽ هن حڪومت ۾ ميان نواز شريف پوئين صفن ۾ ويهڻ تي مجبورآهي. يعني حڪومت، اقتدار ۽ مسلم ليگ نواز لاءِ ميان نواز شريف جو پير ڳرو ۽  پاڻ هن حڪومتي جهاز تي بار ٿي پيو آهي. ملڪ جي سياست جي انهي چال جي اها معني پڻ چئي سگهجي ٿي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ان جي چيرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان ملڪ ۾ هلايل چونڊ مهم ۾ ميان نواز شريف جي چوٿون ڀيرو وزير اعظم ٿيڻ نه ڏيڻ وارو جيڪو اعلان ۽ مهم هلائي ويئي هئي ان کي يقينن ثابت پڻ ڪري ڏيکاريو آهي جو ميان نوازشريف چوٿون ڀيرو وزير اعظم ٿيڻ واري مهم کي ناڪام ڪيو ويو آهي.

ٻئي پاسي، چونڊن کانپوءِ ملڪ ۾ پيداٿيل نئين سياسي صورتحال ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان ملڪ جا مک آئيني عهدا صدر مملڪت، چيئرمين سينيٽ، ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي، گورنر پنجاب ۽ گورنر خيبر پختونخواه  پاڻ وٽ رکڻ ۽ ان کان علاوه سنڌ ۽ بلوچستان جون صوبائي حڪومتون قائم ڪرڻ کانپوءِ وڏي محتاط طريقي سان اڳتي وڌي رهي آهي. 3 اپريل تي سينيٽ آف پاڪستان جي سنينٽرن جي چونڊ بعد پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار سيد يوسف رضا گيلاني جي چيرمين سينيٽ چونڊجڻ بعد پيپلز پارٽي جي حڪومت سان شراڪت وارو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويندو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي مدد سان ميان شهباز شريف جي قيادت ۾ قائم ٿيندڙ حڪومت سان اتحادي هجڻ جي باوجود پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان پنهنجي جماعت کي حڪومت جي وزارتن کان پري رکڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو ويو اهو  پڻ وڏن بحثن جو موضوع بڻيل آهي ۽ انهيءَ صورتحال  شهباز شريف حڪومت لاءِ مستقل خطرو قرار ڏنو پيو وڃي. جڏهن ته پيپلز پارٽي جي قيادت شهباز حڪومت سان ساٿ جي اعلان ته ڪري رهي آهي پر سندن حڪومت جي ذميواريون کڻڻ کان معذرت ڪري رهي آهي جنهن جو سبب اهو پڻ ٿي سگهي ٿو ته ميان نواز شريف هڪ ڀيرو وري مسلم ليگ نواز جو صدر ٿيڻ جو خواهشمند آهي جيڪڏهن ائين ٿيو ته، حڪومت جو مالڪ شهباز شريف نه ميان نواز شريف ٿي ويندو جنهن سان پاڪستان پيپلز پارٽي هلڻ لاءِ تيار نه آهي. جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت ۾ پنهنجي آپگهاتي سياست جو پاڻ ئي شڪار ٿي ملڪ جي سياسي ۽ پارلياماني برادري کان ڌار ٿي ويئي آهي. هن جماعت ۾ سياسي سوچ بجاءِ لاقانونيت گارگند ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون لڳائڻ واري عمل کي به سياست ۽ آزادي پسندي قرار ڏيئي لڳاتار ديوارن ۽ فرش   سان  مٿان ٽڪرائڻ واري حالت کان ٻاهر نه اچي سگهيا آهن، ائين معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ ڌر کي ايندڙ پنجن سالن تائين هوش نه ايندو ۽ هو باجماعت آپگهات ڪرن وارو پنهنجو سلسلو جاري رکندا.  خدا ھنن  جي حالت تي شل رحم ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.