انقلابي ۽ عوامي شاعر حبيب  جالب

تحرير: طفيل مگسي

قلندراڻي صفت جي مالڪ ۽ عوامي شاعر حبيب جالب 24 مارچ 1928ع ۾ضلعي سوديا جي شھر هوشيارپور ۾ جنم ورتو.اينگلو عربڪ هائي اسڪول کان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين.آزاديءَ کانپوءِ ڪراچي اچي ويو.گورنمينٽ هائي اسڪول جيڪب لائين ڪراچي کان وڌيڪ تعيم حاصل ڪيائين.روزنامه جنگ ۾ ملازمت پڻ ڪيائين. ٿوري عرصي تامين مشھور هاري اڳواڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سنڌ ھاري تحريڪ ۾ ڪم ڪيائين.معاشرتي بي انصافين کي پنهنجن نظمن جو موضوع بڻايائين.لائلپور ٽيڪسٽائل ملز ۾ به ملازمت ڪيائين.نيٺ 1956ع ۾ ڪراچي کان لاهور  هجرت ڪري.اتي ئي رهائش اختيار ڪيائين.

یہ اعجاز ہے حسن آوارگی کا

جہاں بھی گئے داستاں چھوڑ آئے

شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”برگ آواره“ نالي سان 1957ع ۾ ڇپيس.

ايوب خان ۽ يحيي خان جي آمريتي دورن ۾ ڪيترائي ڀيرا قيد جون تڪليفون ڀوڳيائين.1960ع جي ڏھاڪي ۾ قيد جي دوران ڪيل شاعري جو ڪتاب ”سر مقتل“جي عنوان سان ڇپيس. جيڪو حڪومت ضبظ ڪري ڇڏيو. ايوب خان نام نهاد دستور پيش ڪيو ته جالب پنهنجو مشھور نظم ورجايو.

۔ایسے دستور کو میں نہیں مانتا۔۔

1970ع وارين چونڊن کانپوءِ جنرل يحيي خان اقتدار اڪثريتي پارٽي جي حوالي ته نه ڪيو بلڪ گوليون وسايون ته جالب چئي رهيو هو.

محبت گولیوں سے بو رہے ہو

وطن کا چہرہ خوں سے دھو رہے ہو

گماں تم کو کہ رستہ کٹ رہا ہے

یقیں مجھ کو کہ منزل کھو رہے ہو

1994ع ۾ ڀٽو دور ۾ نام نهاد حيدرآباد سازش ڪيس ٺھيو ته جالب جو هيءَ نظم نهايت مشھور ٿيو.

قصر شاہی سے یہ حکم صادر ہوا

لاڑکانے چلو، ورنہ تھانے چلو

ضيا الحق جي مارشل لا ۾ جڏھن حيدرآباد سازش ڪيس ختم ٿيو ۽ ان جي قيدين کي آزادي ملي ته هنن ٻين جيان ڀٽو دشمني ۾ ضياء الحق سان هٿ نه ملايو بلڪ چيو.

ظلمت کو ضیا ء صر صر کو صبا بندے کو خدا کیا لکھنا

آمريت کانپوءِ پيپلز پارٽي جو پهريون دور آيو ۽ عوام جون ڪي به حاڪتون نه بدليون ته جالب صاحب کي چوڻو پيو.

وہی حالات ہیں فقیروں کے

دن پھرے ہیں فقط وزیروں کے

ہر بلاول ہے دیس کا مقروض

پاؤں ننگے ہیں بے نظیروں کے

جالب جي شاعري جا لکيل ڪتاب برگِ آوارہ، سرِ مقتل، صراط مستقیم ،ذکر بہتے خوں کا ،گنبدِ بے در، اس شہرِ خرابی میں ، گوشے میں قفس کے ،حرفِ حق ، حرفِ سرِ دار ،عہد ستم ، کلیات حبیب جالب آهن.

جالب فلم جي لاءِ به ڪافي گيت لکيا “ہم ایک ہیں‘موت کا نشہ ‘ناگ منی‘دو راستے‘ زخمی‘ بھروسا“ ذڪر جي قابل آھن.جنهن کان هن کي ڪافي شھريت ملي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.