عارف علوي کان پوءِ آصف علي زرداري

تحرير:انور ساجدي

 

پاڪستان ۾ سياست نالي ڪا به شيءِ نھ آھي، بي اصولي حرڪتون ۽ سرگرميون آھن،جنھن کي سياست چئبو آهي، اها بي اصولي سياست ايتري ته بي رحم آهي جو صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي کي پنهنجي ئي صوبائي اسيمبلي مان هڪ ووٽ به نه ملي سگهيو،جيتوڻيڪ نيشنل پارٽي، محمود خان کي  ووٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، پر هڪ ڏينهن اڳ ڊاڪٽر صاحب پاسو بدلائي ويو،جنھن کي اڄ يوٽرن چيو وڃي ٿو.

صدارتي چونڊن ۾ شڪست کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي محمود خان اچڪزئي چيو ته هڪ رات اڳ ڊاڪٽر صاحب مون کي ووٽ ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، پر هڪ ڏينهن بعد سندس پير ڪيلي جي کل تان ترڪي ويو. هن دعويٰ ڪئي ته نيشنل پارٽي جي  فيصلي جي ابتڙ سينيٽ ۾ ٻن ميمبرن طاهر بزنجو ۽ اڪرم دشتي ھن کي ووٽ ڏنو، بھرحال سردار اختر مينگل پنهنجي واعدي موجب کيس ووٽ ڏنو.

بي رحم سياست جو هڪ وڏو مثال ڏسو، اليڪشن مهم دوران بلاول ڀٽو زرداري ڪيترائي ڀيرا چيو هو ته ميان نواز شريف کي چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ نه ڏيندا ۽ نه انھن نھ ٿيڻ ڏنو. پر جڏهن سندس والد کي صدر بڻجڻ جي لاءِ ن ليگ جا ووٽ گھربل ھئا،تھ ھو بنا ڪنھن هجت جي مريم نواز وٽ ھليو ويو ۽ درخواست ڪئي تھ سندس والد کي ووٽ ڏنو وڃي.ن ليگ دل تي پٿر رکي ڪري زرداري کي ووٽ ڏئي ڇڏيو، ڇاڪاڻ جو ھن وقت مسلم ليگ ن پيپلز پارٽي جي هٿن ۾ مڪمل طور ڦاٿل آھي. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ميان نواز شريف ڪهڙي دل سان زرداري کي ووٽ ڏنو هوندو. سڀني کي خبر آهي ته نوازشريف ۽ زرداري هڪ ٻئي کي پسند نٿا ڪن، پر جڏهن مصلحت پيرن جي زنجير بڻجي وڃي ته سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو. ڪنهن کي ياد ناهي ته، شهباز شريف چيو هو ته، هو آصف زرداري کي مال روڊ تي گھليندو ۽ ھن جو پيٽ چيري ڪري ان مان دولت ٻاهر ڪڍندو پر، اڄڪلهه اهي ٻئي هڪ ٻئي جي پيٽ جي پوري پوري حفاظت ڪري رهيا آهن ڇو ته اهو ئي سندن گڏيل مفاد آهي.

جيئن بلاول چيو ته منهنجو والد برطانيا جي راڻي جهڙو صدر بڻجي رهيو آهي،يعني ھن وٽ ڪو اختيار نه هوندو. صدر اختيار نه هوندي شرارت ڪري سگھي ٿو ، حڪومت کي تنگ ڪري سگھي ٿو۽ وزيراعظم کي خط لکي سندس خامين ۽ غلطين جو احساس ڏياري سگھي ٿو.ھو چاھي تھ سازش به ڪري سگهي ٿو ۽ حڪومت کي مشڪل ۾ وجهي سگهي ٿو. ان حوالي سان عارف علوي تمام گهڻو بيڪار صدر ثابت ٿيو آهي، هو نه پنهنجي وزيراعظم کي بچائي سگهيو، نه ئي. پي ڊي ايم کي عمران خان جو تختو اونڌو ڪرڻ کان روڪي سگهيو ۽ نه ئي ڏکين حالتن ۾ پنهنجي ليڊر جي مدد ڪري سگهيو. جيئن ته زرداري ھڪ پارٽيءَ جو سربراهه به آهي، تنهن ڪري هو اختيار نھ ھوندي بھ گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿو. سياست ايتري بي رحم آهي جو اڄ جا اتحادي سڀاڻي ٻيهر دشمن بڻجي سگهن ٿا. مقتدرا جي گھڻو

ويجهي اڳوڻي وزير فيصل واوڊا دعويٰ ڪئي آهي ته آصف زرداري پهرين حڪومت کي ٿپڪي ڏيندو ۽ ان بعد ڌڪو  ڏئيندو. جيڪڏهن پيپلز پارٽي حڪومت ۾ شامل نٿي ٿئي ته اهو هڪ قسم جو ڌڪو ئي هوندو، پر پهرين مرحلي ۾ پيپلز پارٽي مسلم ليگ (ن) کي ڏنل زبان مطابق حڪومت جو ساٿ ڏيندي.ٻئي مرحلي ۾ شامل بھ ٿي ويندي، پر جيئن ته انهن جي ڪيمسٽري نٿي ملي، تنهن ڪري اھي هڪ ٻئي کي دل سان  تسليم نٿا ڪن. جيڪڏهن حالتن ۾سڌارو نھ آيو تھ ايندڙ سال مارچ ۾ جڏهن نئون آمريڪي صدر عهدو سنڀاليندو، ته پاڪستان ۾ بھ تبديلي جي ھوا ھلي پوندي،جئين پاڪستان جي سوشل ميڊيا تي عمران خان ڇانيل آهي، تيئن آمريڪا ۾ به پي آر ڪمپنين ذريعي سندس طوطي ٻولي رھي آهي. آمريڪا ۾ مسلم ليگ (ن) جي پي آر گھڻي ڪمزور، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي وري بھ ڪجهه بهتر آهي.

هن وقت پاڪستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو طئي ٿيل اسڪرپٽ مطابق آهي. پهرين جعلي چونڊون ٿيون، پوءِ صوبن ۾ مرضي موجب نتيجا آندا ويا.ڄاڻي واڻي ڪي پي ڪي ۾ تحريڪ انصاف کي اچڻ ڏنو ويو ۽ ايتري تائين جو ان کي اتي حڪومت ٺاهڻ جي به اجازت ڏني وئي. جيڪڏھن اڊيالا جيل ۾ ٿيندڙ ڳجهي ڳالهين ذريعي مسئلا  طيھ نھ ٿيا ته حڪومت ڪوشش ڪندي تھ ڪي پي ڪي ۾ گورنر راڄ آندو وڃي.حالانڪھ 18هين ترميم کانپوءِ ان جي گنجائش بنھه گھٽ آهي. جنهن ڏينهن تحريڪ انصاف خلاف نئون ڪريڪ ڊائون شروع ٿيو ته سمجھو ته اڊيالا جيل اندر ڳجهيون ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن. مقتدرا کي خبر آهي ته مسلم ليگ (ن) جي ڪاميابي سندس ڪوششن جو نتيجوآهي ۽ مسلم ليگ (ن) کي به خبر آهي ته ان جي ڪاميابي مصنوعي آهي، ان ڪري حڪومت اھو ئي ڪم ڪندي جنھن جو ان کي اختيار ھوندو.ايتري تائين جو اھم وزارتن جو فيصلو بھ وزيراعظم مشاورت سان ڪندو يا جيڪي حڪم ملندا ان جي تعميل ڪندو.ان ڳالهه جي ڪا اميد ناهي ته شهباز شريف ڪنهن به مرحلي تي اختلاف يا انڪار ڪندو ۽ جيڪڏهن ھن ائين ڪيو ته زرداري صاحب ويٺو آهي،ان مرحلي تي اھو خوب ڪم ايندو.ھو حڪومت جا ڪن مروٽي ان کي سڌو ڪندو. پاڪستاني سياست جي پئماني مطابق ”هڪ زرداريءَ  سڀني تي ڀاري “ آھي. جنهن اڪثريت نه ملڻ باوجود صدارت جو عھدو حاصل ڪري ورتو.سنڌ ۽ ڪي پي ڪي جي گورنر جا عهدا حاصل ڪري ورتا ۽ ٽين پوزيشن هئڻ جي باوجود هن جو درجو بادشاهه گر جو آھي.پر اھي سڀئي سطحي ڳالھيون آھن.پاڪستان جمهوريت کان تمام گهڻو پري آهي، ھتي آئين کي مڪمل لاڳو ڪرڻ اڃان بھ ھڪ خواب آھي.جڏهن ته پارليامينٽ جي بالادستي به ڪافي پري آهي. اهو ڪم رڳو تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو جڏهن پاڪستان ۾ منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون ٿينديون، جيڪا پارٽيءَ ڪاميابي ٿئي ان کي بنا ڪنهن فرق جي اقتدار منتقل ڪيو وڃي. جيستائين اليڪشن ۽ سياست ۾ مداخلت رهندي،سياسي پارٽيون ” جمهوري ٻچي“ جو ڪردار ادا ڪنديون رهنديون. هي رياست آئيني جمهوري ۽ خودمختياري نه ٿي سگهندي.

مون کي ذاتي طور تي افسوس آهي ته محمود خان کي پنهنجي صوبي مان هڪ به ووٽ نه مليو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪي پي ڪي نيپ سميت سمورين نام نهاد قومپرست پارٽين کي هڪ وڏو سبق سيکاريو ويو آهي ۽ هڪ طرح سان انهن جي مڪمل طورپاڙ پٽي وئي آھي.جيتوڻيڪ اھي ان سلوڪ جو حقدار نھ آھن.انھن جماعتن بي وفائي جو ڏوھ ڪيو، نھ ئي  ڪري اهي رياست جون  بڻجي سگهيون ۽ نھ ئي پنهنجي عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪري سگهيون.اھي اندرکان طاقتورن سان ته مليل ھيون، پر ڪارآمد نھ ھيون، ھي دوغلي ۽ مصلحت پسندي جي ڪري پنهنجي ماڻهن سان گڏ بيھي نه سگهيون. انهن ماڻهن  جو خيال آهي ته ھن ڊجيٽل دور ۾ ماڻھن کي دوکو ڏئي سگھجي ٿو. نيشنل پارٽي جڏھن آصف زرداري جي حمايت جو اعلان ڪيو ته ان هڪ 8 نقاطي چارٽر جي منظوري جي بھ دعويٰ ڪئي، جيڪو هڪ مذاق ۽ افسوسناڪ عمل آهي. جيڪڏهن ان جا ايم پي ايز زرداري کي ۽ سينيٽرن محمود خان کي ووٽ ڏنو آهي ته ان جو مطلب آهي ته اها پارٽي ورهائجي وئي آهي. جيتوڻيڪ اختر مينگل اڪيلو رهجي ويو آهي پر ان جي باوجود هو مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهي. محمود خان جي سامهون به ڪو آپشن ناهي. پختون عوام سندس ڊگهي سوچ ۽ فڪر کي رد ڪري ڇڏيو آهي.هن کي پنهنجي سياسي حڪمت عملي نئين سر ترتيب ڏيڻي پوندي. بهتر ٿيندو ته هو تحريڪ انصاف سان اتحاد بڻائي يا ان ۾ ضم ٿي وڃي، ڇاڪاڻ ته بلوچ ۽ پشتونن جي نئين نسل غير اعلانيل اتحاد ڪري پنهنجا مقصد طئي ڪري ڇڏيا آهن، ان ڪري پراڻي دور جي پراڻي سياست جي گنجائش باقي نه رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.