آصف علي زرداري پاڪستان جو اھو پھريون سولين صدر آھي جيڪو ٻيو دفعو وڏي اڪثريت سان صدر چونڊيو ويو.پاڻ قيام پاڪستان کان پوءِ پيدا ٿيندڙ پڻ پھريون پاڪستاني صدر رھيو آھي ان کان پھرين مقرر ٿيندڙ سمورا صدر پاڪستان جي قيام کان پھرين جا ڄاوا ھئا. 69 سالن جي صدر آصف علي زرداي جو تعلق سڪرنڊ ضلعي شھيد بينظير آباد نوابشاھ جي ھڪ ننڍي ڳوٺ فتوحل زرداري سان آھي، سندس ڏاڏو محمد حسين زرداري جنس جو واپاري ۽ ننڍو زميندار ھو ان سان گڏ مقامي سطح تي مسلم ليگ جو اڳواڻ پڻ رھيو ھو. آصف علي زرداري 9 سيپٽمبر 1955 تي زميندار ۽ بزنس مين حاڪم علي زرداري جي گھر ۾ ڄائو . 32 سالن تائين آصف علي زرداري پنھنجي پي جو اڪيلو پٽ ھجڻ جي ڪري لاڏ ڪوڏ سان پليو ۽ سندس زندگي ”لاابالي“ واري گذري.
1987 ۾ شادي سندس مائٽن جي رضامندي سان بينظير ڀٽو سان ٿي جيڪا پورا ويهھ سال ھلي، جيڪا بينظيرڀٽو جي شهادت 2007 تي پڄاڻي تي پھتي انھن ويھن سالن جي عرصي دوران آصف علي زرداري يارھن سال جيل ۽ چار سال دبئي ۾ جلاوطني ۽ لڳ ڀڳ پنج سال وزيراعظم ھائوس ۾ گذاريا. ھن جي سياست سان گڏ ڏکيائن جي سفرجي شروعات 32 سالن جي عمر ۾ يعني بي نظير ڀٽو سان لائنون لھڻ سان ٿي.پاڻ جواني ۾ پولو، گهوڙي سواري جو شوقين رھيو،شڪار کيس بنهھ پسند نه آھي.
سندس والد حاڪم علي زرداري جي پھرين شادي ھڪ پڙھيل لکيل خاندان جي خاتون بلقيس بيگم سان ٿي جيڪا سنڌ جي ھڪ نامور سياسي، سماجي اڳواڻ، سنڌ مدرست السلام ڪراچي جي باني حسن علي آفندي جي پوٽي ھئي. جي زور ڀرڻ تي حاڪم علي زرداري پنھنجي ڳوٺ سڪرنڊ کي ڇڏي ڪراچي ۾ اچي تعميرا ته سان گڏ سينمائون، وڏيون بلڊنگون ٺھرائڻ جو ڪاروبار شروع ڪيو انھي دوران آصف علي زرداري يارھن سالن جي عمر ۾ مشھور اداڪار وحيد مراد سان گڏ فلم ”سالگرھ“ ۾ ھڪ ٻار اداڪار جو ڪردار پڻ ادا ڪيو. سندس والد حاڪم علي زرداري ڪاروبار سان گڏ سياست جي پڻ شروعات ڪئي، اھو ئي سبب ھو جو 1970 جي اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تان پنھنجي اباڻي تڪ سڪرنڊ مان موجودھ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفي شاھ جي والد سيد شبير احمد شاھ کي ھارائي پھريون دفعو قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو.
مئٽرڪ جو امتحان ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو مان پاس ڪندڙ آصف علي زرداري پنج دفعا قومي اسيمبلي جو ميمبر ھڪ دفعو سينيٽ آف پاڪستان جو ميمبر، ٻيو دفعو پاڪستان جو صدر مملڪت بڻيو آھي. سندس باقائدھ سياست ۾ سرگرم ٿيڻ جي شروعات 1989۾ بي نظير ڀٽو جي خلاف پيش ڪيل عدم اعتماد جي تحريڪ کي ناڪام بڻائڻ واري ڪارنامي کانپوءِ بيظير ڀٽو کيس پھريون دفعو 1990 جي چونڊن ۾ لياري ڪراچي مان قومي اسيمبلي جي سيٽ تان ڪامياب ڪرايو ائين سندس سياست جي سٺن توڙي ڪٺن ڏينھن جي شروعات ٿي.
پاڪستان ۾ صدر يا ته پاورفل رھيا آھن يا فضل الاھي چوڌري رفيق تارڙ جھڙا ڪمزور بيوس، جن پنھنجي محسنن کي فوجي آمرن طرفان غير قانوني ھٽائيندو ڏسڻ ته پسند ڪيو پر استعيفي ڏيڻ جي جرئت نه ڪيائون. فاروق لغاري جھڙي بي وفا صدر وري اسٽبلشمينٽ جو ساٿ ڏئي پنھنجي ئي محسن بي نظير جو تختو اونڌو ڪيو. ٻئي طرف تاريخ ۾ فوجي صدر ايوب خان، جنرل يحييٰ، جنرل ضياالحق، جنرل پرويز مشرف جھڙا انتھائي طاقتور صدر ٿي گذريا آھن. ھنن جنرلن پنھنجا عھدا عزت ۽ وقار سان نه ڇڏيا ،ھن مملڪت خداداد ۾غلام اسحاق خان جھڙا سازشي بيوروڪريسي مان بڻيل صدر به رھيا جن ٽي دفعا جمھورت تي راتاھو ھنيو،چونڊيل حڪومتون ختم ڪيون جڏھن پھريون دفعو آصف علي زرداري 2008 ۾ صدارت جي عھدي لاءِ چونڊيو ھو ته کيس اھا ڄاڻ ھئي ته اسلام آباد جو صدارتي محل ڪا سٺي ساک رکندڙ جڳهھ نه آھي پر اھو سازشي محل آھي، ھن فيصلو ڪيو ته اھڙي عھدي تي صرف خود جو رھڻ ئي بھتر ٿيندو جيڪو سازشن کي منھن ڏئي سگھي .ان وقت جيئن ئي آصف زرداري صدارت جي منصب لاءِ فارم جمع ڪرايو ته سندس خلاف پروپيگينڊا جو طوفان کڙو ٿي ويو ايتري تائين جو ميڊيا جي نالي وارن صحافين به ڪالم لکيا ھڪ مشھور صحافي ته صدارتي اليڪشن کي روڪرائڻ لاءِ فوج کي مداخلت ڪرڻ جو سڏ به ڏنو. اسلام آباد جي ھڪ ٻي صحافي لکيو ته جيڪي ھن ملڪ ۾ زلزلا آيا آھن اھي آصف زرداري جي صدر بڻجڻ جي ڪري آيا آھن.
جڏھن آصف زرداري صدر پاڪستان بڻيو ته ھن پنھنجي سياسي زندگي جا ڪيترائي غير معمولي فيصلا ڪيا جن ۾ 2010 ۾ ارڙھين آئيني ترميم ذريعي صوبائي خودمختياري ڏيڻ، پنھنجي ئي صدر وارن اختيارن کي ختم ڪري پارليامينٽ کي ڏئي ڇڏڻ، ان کانسواءِ آرمي چيف جي مقرري توڙي جنرل مشرف جي ڪيل انھي آئيني ترميم کي به ختم ڪيو جنھن سان ميان نواز شريف ٻيو دفعو پاڪستان جو وزير اعظم بڻيو. ننڊن صوبن کي اختيار منتقل ڪرڻ، صوبي سرحد جو نالو خيبر پختونخواھ رکڻ سان گڏ سڀني سياسي پارٽين توڙي ادارن سان مفاھمتي پاليسي رکڻ وارو ملڪ ۾ ھڪ نئون ڪلچر متعارف ڪرايو،جنھن جي ڪري ھو پاڪستان جو پھريون سولين صدر بڻيو جنھن پنھنجا پنج سال پورا ڪيا.ھن ھڪ رسمي صدر رھڻ کي ئي ترجيع ڏني. 22 مئي 2013 تي ايوان صدر ۾ چين جي وزير اعظم سان پاڪ چائنا اڪنامڪ ڪاريڊور سي پيڪ جھڙي عظيم منصوبي واري معاھدي تي صحيون ڪيون، جيتوڻيڪ انھن پنجن سالن دوران کيس تمام وڏين مشڪلاتن کي پڻ منھن ڏيڻو پيو،ايستائين جو کيس صدارتي محل خالي مان بيدخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون، ھن ان دٻاءُ جو مقابلو ائين چئي ڪيو ته مونکي صدرھائوس مان ايمبولنس ۾ ئي ٻاھر ڪڍي سگھو ٿا.
صدارت دوران ھن اساما بن لادن جي مارجڻ تي دنيا جي سڀ کان وڏي اخبار واشنگٽن پوسٽ ۾ ھڪ آرٽيڪل لکيو ھو ته اساما بن لادن ھن صدي جي سڀ کان وڏي برائي ھو. جنھن کي ھميشھ لاءِ خاموش ڪيو ويو آھي جنھن سان انھن متاثرن کي انصاف فراھم ٿيو، جيڪا ڳالهھ اطمينان جوڳي آھي ان جو موت مون لاءِ ذاتي، سياسي حيثيت رکي ٿو. ڇوته انھن ئي عنصرن بينظير ڀٽو کي قتل ڪرايو ھو. آمريڪي صدر بش پنھنجي صدارتي جھاز ۾ عراق کان افغانستان ويندي صحافين سان ڳالھيون ڪندي اھو انڪشاف ڪيو ھو ته جڏھن مون پاڪستاني صدر زرداري کي چيو ته ”ڊو مور“ ته ھن منھجي اکين ۾ اکيون ٽڪائيندي چيو ته جن منھنجي ٻارن جي والدھ، منھنجي گهرواري کي قتل ڪيو آھي انھن لاءِ آئون نرم گوشو ڪيئن رکي سگهان ٿو.؟
اڄ وري جڏھن آصف علي زرداري 16 سالن کانپوءِ ھڪ دفعو ٻيھر انھي ساڳي صدارتي منصب تي ويٺو آھي، جيتوڻيڪ اڄ جون اقتصادي ، جيو پوليٽيڪل ، توڙي اندروني حالتون مسئلا مختلف آھن پر وڏي مينڊٽ سان چونڊجي ايندڙ آصف زرداري لاءِ پھرين واري صدارت کان وڌيڪ چيلينج آھن، ھو ملڪ جي خوشحالي لاءِ ميثاق معيشيت جو معاھدو ڪرڻ، بلوچستان جي صورتحال کي بھتر ڪرڻ، سرحدن تي ٿيندڙ دھشتگردي ، سڀني سياسي پارٽين کي گڏ کڻي ھلڻ جھڙا معاملا سندس لاءِ اھم آھن.
ان سان گڏ ارڙھين ترميم تي مڪمل عمل ڪرائڻ، ننڊن صوبن جي شڪايتن کي ختم ڪرڻ، پاڙيسري ملڪن خاص طور تي ھندستان سان برابري جي بنياد تي مسئلا حل ڪرڻ، سي پيڪ جي منصوبن جي تڪڙي عملدرآمدي، صوبن جي وچم ھم آھنگي پيدا ڪرن لاءِ يقينن آصف علي زرداري پنھنجو ڪردارادا ڪندو. ڇاڪاڻ ته ھو سدائين چوندو رھيو آھي ته جمھوريت ئي بھترين انتقام آھي، مان اخبار جي سرخين ۾ نه پر تاريخ ۾ زندھ رھڻ پسند ڪندس.