مرزا محمد آفريدي وقتي چيئرمين سينيٽ جو عهدو سنڀالي ورتو

اسلام آباد( م ڊ) ڊپٽي چيئرمين سينيٽ مرزا محمد آفريدي چيئرمين سينيٽ جو عهدو سنڀالي ورتو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مرزا محمد آفريدي جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو  آهي ته صادق سنجراڻي بلوچستان صوبائي اسيمبلي جي ميمبر طور حلف کڻي ورتو آهي، مرزا محمد آفريدي سينيٽ جي چيئرمين طور پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.