آصف زرداري اين ايف سي ڊيل جي بدلي شهباز حڪومت ڪيرائيندو:تجزئي نگار

اسلام آباد(م ڊ)ناليواري تجزئي نگار نجم سيٺي چيو آهي ته آصف زرداري گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ڀيرا نوازشريف(ن ليگ) کي ڌڪا ڏنا آهن، هن  اسٽيبلشمينٽ جي ڳالهه مڃي صادق سنجراڻي کي سينيٽ جو چيئرمين بڻايو ،2023ع ۾ فيصلو ٿيو هو ته شهبازشريف پي ڊي ايم جي حڪومت ختم ڪئي  ويندي،شهبازشريف زرداري سان مشاورت ڪري چيو ته اسان کي حڪومت ناهي ڇڏڻي، 16 مهينن واري حڪومت جو سڄو فائدو آصف زرداري کي ٿيو، ن ليگ اڏي وئي، ڇهه ڀيرا آصف زرداري ن ليگ کي ڏنگيو آهي،هن چيو ته  هن جي هميشه ڪوشش رهي آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو رهي، هن اسٽيبلشمينٽ جي ڪاوڙ جي ڪري جيل ڀوڳي، پاڪستان کپي جو نعرو هڻي هن جي سوچ هئي ته اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي پ پ کي بحال رکڻو آهي، زرداري تمام سٺي گيم کيڏندو آهي، کيس خبر آهي ته اسٽيبلشمينٽ کي خوش ڪيئن رکڻو آهي، اڳتي جڏهن اسان وينداسين ته ڏسنداسين ته گيم ڪيئن ٿي ٿئي، هن چيو ته زرداري شهبازشريف کان به وڌيڪ اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو آهي، زرداري صدر بڻجي رهندو هو جڏهن ته  شهبازشريف جي حڪومت ڪري پوندي، تلوار هن رکي آهي،ڇو ته  فيصل واوڊا جو چوڻ آهي ته هن وقت ته وڏيون ڀاڪر هلي رهيا آهن پر ڪنهن مهل به آصف زرداري شهبازشريف حڪومت ڊاهي سگهي ٿو، ان ڳالهه سان مان اتفاق ڪريان ٿو، هن چيو ته ٻن سالن ۾ ايڪسٽينشن جو به قصو ايندو، ن ليگ جو مطالبو آهي ته نيب ختم ڪريو، آصف زرداري ختم ڪري ڇڏيندو، زرداري نه چاهيندو ته سنڌ ۾  مڪاني نظام بااختيار ٿئي، ان مطالبي تي مسئلا ايندا، ٽيون مطالبو اين ايف سي ايوارڊ ۾ ترميم جو آهي ان تي مسئلو ٿيندو، اسٽيبلشمينٽ مڪاني نظام ۾ نوازشريف کي سپورٽ ڪندي، اين ايف سي ايوارڊ اشو تي اها آصف زرداري جي حمايت نه ڪندي، ان معاملي تي زرداري شهبازشريف جي حمايت بلڪل نه ڪندو ڪا به آئيني ترميم نه ٿي سگهندي، اسٽيبلشمينٽ آئيني ترميم جو مطالبو ڪندي،جنهن تي آصف زرداري چوندو ته ان سان سنڌ ۾ مسئلا پيدا ٿيندا، بدلي ۾  آصف زرداري شرط رکندو ته  بلاول کي وزيراعظم بڻايو وڃي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.