لاهور(عوامي آواز نيوز) شهبازشريف سياڻو نڪتو، هن عمران خان جهڙي غلطي نه ورجائي، ڳجهي اداري جي سربراهه کي آمريڪا ۾ سفير مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ناليواري تجزئي نگار عمران شفقت چيو آهي ته موجوده ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم جي حوالي سان خبرون مارڪيٽ ۾ گرم آهن،کيس نوڪري جو مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ آمريڪا ۾ اهم ذميواري ڏيڻ تي غور ويچار هلي رهيو آهي، ان کان اڳ جڏهن ته آرمي چيف جي مقرري وارو معاملو آيو تڏهن ن ليگ جي قائد نوازشريف کي پارٽي اندريان ئي ڪجهه ماڻهن صلاح ڏني ته جنرل نديم انجم کي آرمي چيف بڻايو وڃي، جنهن تي نوازشريف صاف ڪندي موقف اختيار ڪيو هو ته جيڪو سينيارٽي ۾ پهرين نمبر تي آهي ان کي ئي آرمي چيف بڻايو ويندو پوءِ دنيا ڏٺو ته ميرٽ تي جنرل عاصم منير کي آرمي چيف بڻايو ويو،واضح رهي ته ماضي قريب پي ٽي آءِ باني عمران خان آءِ ايس آءِ سربراهه جي مقرري جي حوالي سان وڏي غلطي ڪئي هئي ۽ معاملي کي اينگهايو هو پر شهبازشريف صفا سياڻو نڪتو، هاڻي خبرون آهن ته جنرل نديم انجم جو مدو پورو ٿيڻ بعد کيس آمريڪا ۾ سفير طور مقرر ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، ان حوالي سان صحافي اعزاز سيد به ان خبر جي تصديق ڪئي آهي،مستقبل ۾ بائيڊن انتظاميا جي آمريڪي چونڊ هارائڻ جو امڪان آهي، ٽرمپ جي کٽڻ جا امڪان آهن، پي ٽي آءِ آمريڪي لابنگ فرمن ذريعي آمريڪي انتظاميا ۾ وڏي لابنگ ڪئي آهي، ٽرمپ جو جهڪاءُ عمران خان ڏانهن آهي، ڊي جي آءِ ايس آءِ طور رهندڙ شخصيت ئي پي ٽي آءِ کي آمريڪا ۾ منهن ڏئي سگهي ٿو،