اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف پ پ پارليامينٽيريز جي صدر آصف زرداري کي ملڪ جو نئون صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف، آصف علي زرداري کي ٻيو ڀيرو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ چئني صوبن جي چونڊيل ميمبرن آصف زرداري تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته آصف زرداري وفاق جي مضبوطي جي علامت هوندو، اميد آهي ته صدر طور هو پنهنجون آئيني ذميواريون سٺي طريقي سان انجام ڏيندو.