ٺٽو ڀرسان حجامڙو ڪريڪ وٽ ٻڏي ويل 14 ماهيگيرن مان ٽن جا لاش هٿ

ٺٽو( ڊ ر) ٺٽو ڀرسان حجامڙو ڪريڪ وٽ ٻڏي ويل 14 ماهيگيرن مان ٽن جا لاش 5  ڏينهن بعد هٿ ڪيا ويا آهن، ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته سمنڊ ۾ ٻڏي ويل 3 مهاڻن جا لاش هٿ اچي ويا آهن، ٻين جي ڳولا جاري آهي، ٻئي پاسي ٻڏي ويل 11 مهاڻن جو اڃان تائين ڏس پتو نه پيو آهي، ريسڪيو عمل سستي رفتاري جو شڪار هجڻ سبب ماهيگيرن جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي، ياد رهي ته 5 ڏينهن اڳ مڇي جي شڪار دوران ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 46 مهاڻا ٻڏي ويا هئا، 32 کي بچايو ويو هو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.