ٿُلهن ماڻهن جا ٻار به ٿُلها ٿي سگھن ٿا: تحقيق

هڪ نئين تحقيق موجب اُهي ماڻهو جيڪي وچولي عمر ۾ ٿولهه جو شڪار آهن انهن کي گھرجي ته هو پنهنجي فيملي هسٽري چيڪ ڪن ته سندن والدين يا انهن مان ڪو هڪ انهيءَ عمر ۾ ٿولهه جو شڪار ته نه هو.
ميڊيا رپورٽس موجب ان حوالي سان يورپي ڪانگريس ۾ محققن پاران تحقيق پيش ڪئي وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن جي والدين يا انهن مان ڪنهن هڪ پنهنجي عمر جي مخصوص حصي ۾ ٿولهه جو شڪار هو ته سندن اولاد به انهيءَ عمر ۾ ٿلهو ٿيڻ جا امڪان 6 ڀيرا وڌي ويندا آهن.
تحقيق مان اها به خبر پئي ته والدين ۾ رڳو هڪ جو ٿلهو هجڻ اولاد جي وچولي عمر ۾ ٿلهي ٿيڻ جي امڪانن کي ٽي ڀيرا وڌائي ڇڏي ٿو.
ناروي جي آرڪٽڪ يونيورسٽي ۾ هڪ ڊاڪٽر ۽ محققن جي ٽيم جي ميمبر ماري ميڪلسن جو ان حوالي سان چوڻ هو ته تحقيق جا نتيجا ظاهر ڪن ٿا ته ننڍپڻ جي ٿولهه ۽ والدين جي وزن وچ ۾ واسطو وچولي عمر ۾ ٿولهه سان واسطو رکي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.